ٺل ۾ بنگلاڻي برادري ۾ جهيڙو،ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل

جيڪب آباد(حضور بخش سومرو) ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ آچر بنگلاڻي ۾  پراڻي تڪرار تان بنگلاڻي برداري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو،فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته مقتولن جي سڃاڻپ نوجوان قيصر ۽ بابن بنگلاڻي پٽ عبدالوهاب بنگلاڻي ۽ جمالي پٽ نامدار بنگلاڻي طور تي ٿي،واقعي بعد حد جي پوليس پهچي لاش  نهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ٺل آندا لاش گھرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،هوڏانهن بي سيڪشن پوليس مطابق بنگلاڻي برادري ۾ پراني زميني تڪرار تان واقعو پيش آيو آھي،جوابدار فرار ٿي ويا آھن، ڇاپا جاري آھن،هن ٻڌايو ته مقتولن جي وارثن موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.