ماٿيلي ۾ مرتضيٰ کوسي جي حمايت ۾ ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ ڊاڪٽر سحر آفتاب نائچ ۽ ساٿين جي مبينا تشدد ۾ اکين جي نور کان محروم ٿيندڙ مرتضيٰ کوسو جي حمايت ۾ متحدہ کوسو موومينٽ پاران ميرپورماٿيلو جي مقامي هوٽل تي ڪٺ ٿي گذريو جنھن ۾ سنڌ بلوچستان جي مختلف شهرن کان کوسا برادري جا ماڻهو پهتا ان موقعي تي کوسا برادري جي اڳواڻن نيڪ محمد کوسو، محمد امين کوسو، شھزادو کوسو ۽ ٻين چيو ته مرتضيٰ کوسو مٿان ڊاڪٽر سحر آفتاب نائچ ساٿين سان ملي ڪري هن مٿان سخت تشدد ڪري هن جي زبان ڪٽي وئي ۽ اکين ۾ زخمن ڏئي هن کي اکين جي نور کان محروم ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،جنھن بعد کوسا برادري جي ماڻهن پاران ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن جلد جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.