ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز جي سربراهن جي چونڊ لاءِ موجود “تلاش ڪميٽي” صوبي جي 8 ئي تعليمي بورڊز ۾ چيئرمينز جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي مرحلي وار انٽرويوز جو فيصلو ڪيو آهي، پهرين مرحلي ۾ لاڳيتو 3 ڏينهن تائين اميدوارن کان انٽرويوز، خميس، جمعو ۽ ڇنڇر 9-10 ۽ 11 جنوري تي ورتا ويندا، ان ڏس ۾ اميدوارن کي خط موڪليا پيا وڃن، واضح رهي ته سنڌ ۾ 8 تعليمي بورڊ آهن، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ 6 بورڊز ۾گذريل هڪ ڏهاڪي کان مستقل چيئرمينز موجود ناهن، جڏهن ته ڪراچي جي ٻئي تعليمي بورڊز ميٽرڪ ۽ انٽر به گذريل ڪافي سالن کان مستقل سربراهن کان محروم آهن ۽ سمورن تعليمي بورڊز ۾ چيئرمينز وقتي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، اميدوارن جي درخواستن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ کان پوءِ تلاش ڪميٽي کي 271 اميدوارن کان انٽرويوز ڪرڻا آهن.