اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، لڳاتار سرچارج سان رڳو اڍائي سالن ۾ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 25 رپيا 76 پئسا واڌ ڪئي وئي، اڍائي سالن ۾ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 22 رپيا 53 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته بجلي صارفين تي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مستقل سرچارج الڳ طور تي لاڳو ڪيو ويو، اهڙي ريت اڍائي سالن ۾ بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ مستقل سرچارج جو اضافو 25 رپيا 76 پئسا ٿي ويو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ ايترو اضافو ڪنهن به وزيراعظم جي دور ۾ ناهي ٿيو، رپروٽ موجب اڍائي سالن ۾ بجلي جي صارفين تي 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار وڌو ويو، جولاءِ کان آڪٽوبر 2022ع ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ ڪيو ويو، جولاءِ 2023ع ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف 7.50 رپيا في يونٽ ڪيو ويو، جولاءِ 2023ع ۾ به في يونٽ 3.23 رپيا في يونٽ مقرر سرچارج لاڳو ڪيو ويو، جولاءِ 2024ع ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 7.12 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪابينا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ اضافي ۽ سرچارج جي منظوري ڏني، صارفين تي ٽه ماهي ۽ ماهوار ايڊجسٽمنٽ ۾ واڌ جو بار الڳ الڳ برداشت ڪيو، بجلي جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ حڪومت ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي، شهباز حڪومت هاڻي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف آپشنز تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت ٽيرف ۾ آءِ پي پيز سان معاهدن جي خاتمي يا تبديلي جو فائدو ڏيڻ جي تجويز ڏئي رهي آهي، بجلي جي بلن ذريعي گڏ ڪيل ٽيڪس جو به جائزو ورتو پيو وڃي.