ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جي ڪالهه اڱاري واري اجلاس ۾رٿ پيش ڪئي وئي تھ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو نالو پنجاب هاءِ وي اٿارٽي رکيو وڃي. سنڌ اسيمبليءَ ۾گذريل ڏينهن پرائيويٽ ميمبرز ڊي جي موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران ٽول ٽيڪس ۾ لڳاتار واڌ ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر هير سوهو پاران پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل راءِ سان منظور ڪيو ويو. ايوان جي ڪارروائي دوران مخالف ڌر جي ميمبرن پاران مختلف موضوعن تي ٺهراءَ پيش ڪيا ويا، انھن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تحت ووٽنگ وسيلي رد ڪيو ويو. هير سوهو پنهنجي پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو تھ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اچانڪ هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تي ٽول ٽيڪس وڌائي ڇڏيو آهي، اها واڌ رڳو هڪڙي ناھي، پر گذريل ڪجهه مهينن دوران ٽول ٽيڪس جي تناسب سان ھر ھر اضافو ڪيو ويندو رھيو آهي، نوٽيفڪيشن ۾سنڌ جي ڪنهن به هاءِ وي يا موٽر وي جو ذڪر ناهي ڪيل، ان باوجود سنڌ ۾ اضافي ٽيڪس وصول ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو نالو پنجاب هاءِ وي اٿارٽي رکيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ اختيارين کي سنڌ جا ٽٽل رستا نظر نه ٿا اچن. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪو روڊ خراب حالت ۾ آهي، تھ اھو ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر تائين آهي، ان باوجود ملڪ جو عوام ڪراچي کان سکر تائين ٻه کان ٽي هزاررپين تائين ٽول ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، هير سوهو چيو تھ گذريل 7 مهينن دوران ٽي ڀيرا ٽول ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ قرارداد جي حمايت ڪندي چيو آهي تھ هي قرارداد سنڌ جي عوام سان گڏ سموري پاڪستان لاءِ آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ صوبي سان ناانصافي ڪري رھي آھي،حيدرآباد کان سکر روڊ پاڪستان جي وڏي شاهراهه آهي،اها شاهراهه سنڌ حڪومت وٽ ناهي،وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي آهي جنهن جي ڪري اها اڄ تائين ٺهي نه پئي سگهي، ھن چيو ته سنڌ جا روڊ جيڪي اين ايڇ اي وٽ آهن انهن جي حالت نھايت ئي خراب آهي، اين ايڇ اي جو سنڌ سان رويو تعصباڻو آهي،سنڌ جا سمورا هاءِ ويز ۽ موٽروي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن،پر وفاق انهن جي مرمت ۽ بحالي تي ڪو به ڌيان نه پيو ڏئي،حادثن وگھي ماڻهو مري رهيا آهن، وفاق ٽيڪس تھ وصول ڪري ٿو، پر سهولتون تھ ڏئي. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾سالن کان روڊ ناھن ٺھيا، پر روزانو نوان ٽول قائم ڪيا پيا وڃن، حيدرآباد کان سکر پاڪستان جو بدترين روڊ آهي. هن چيو تھ وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ ماٽيلي ماءُ واري رويي تحت هي روڊ نه پيو ٺاھيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ حيدرآباد –سکر روڊ نه رڳو سنڌ جا ماڻھو پر سموري پاڪستان جا ماڻھو استعمال ڪن ٿا،موٽروي پوليس پوري پاڪستان ۾ چڱي ريت ڪم ڪري ٿي،سنڌ ۾ ان جي نفري گهٽ ڇو آهي؟ وفاق سالن کان روڊ نه ٺاهيا پر روز نوان ٽول قائم ڪري رهيو آهي، بهادر ڏاهري ۽ تنزيلا ام حبيبه به قرارداد جي حمايت ڪندي پنھنجن خيالن جو اظهار ڪيو، بعد ۾ ٺهراءُ گڏيل راءِ تحت منظور ڪيو ويو.ايوان ۾ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر محمد شبير قريشي پاران پيش ڪيل ٺهراءَ کي رد ڪيو ويو، اھڙي قرارداد ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو تھ سياري جي موسم ۾گئس جي کوٽ وڌي وئي آھي، جنھن جو سبب ڄاڻائيندي رڳو ڪراچي جون سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن، اھڙي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو تھ سموري پاڪستان ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون وڃن، اھڙي پيش ڪيل قرارداد کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو. اهڙي طرح سان ايم ڪيو ايم جي ميمبر قرة العين جي قرارداد به رد ڪئي وئي، جنھن ۾هن تجويز ڏني ھئي تھ غريب ماڻھن کي مفت حج ۽ عمري جون سهولتون مھيا ڪيون وڃن. پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار انھيءَ قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو تھ اهڙو معاملو وفاق سان لاڳاپيل آهي، ايم ڪيو ايم جا ماڻهو وفاق ۾موجود آهن، اتي بحث ٿيڻ گھرجي. جنهن بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس بروز جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو.