پ پ زمينون نيلام ڪرڻ لاءِ هٿرادو ڏڪار پئي پيدا ڪري:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين  مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سرڪار هاري دشمن پاليسيون آڻي زراعت کي تباهه ڪري رهي آهي، ڪرپشن سبب سکر بئراج جو مرمتي ڪم به رولڙي جو شڪار آهي. هارين کي فصلن جي مناسب اگهن کان محروم ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، زراعت دشمن پاليسيون آڻي ملڪ خصوصن سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ لاءِ ملڪ جي هارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. بلاول شهباز اتحادي سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين جي ايجنڊا تحت هلي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.