شهباز حڪومت بجلي اگهن ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، لڳاتار سرچارج سان رڳو اڍائي  سالن ۾ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 25 رپيا 76 پئسا واڌ ڪئي وئي، اڍائي سالن ۾ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 22 رپيا 53 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته بجلي صارفين تي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مستقل سرچارج الڳ طور تي لاڳو ڪيو ويو، اهڙي ريت اڍائي سالن ۾ بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ مستقل سرچارج جو اضافو 25 رپيا 76 پئسا ٿي ويو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ ايترو اضافو ڪنهن به وزيراعظم جي دور ۾ ناهي ٿيو، رپروٽ موجب اڍائي سالن ۾ بجلي جي صارفين تي 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار وڌو ويو، جولاءِ کان آڪٽوبر 2022ع ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ ڪيو ويو، جولاءِ 2023ع ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف 7.50 رپيا في يونٽ ڪيو ويو، جولاءِ 2023ع ۾ به في يونٽ 3.23 رپيا في يونٽ مقرر سرچارج لاڳو ڪيو ويو، جولاءِ 2024ع ۾ بجلي جي قيمتن ۾ 7.12 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪابينا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ اضافي ۽ سرچارج جي منظوري ڏني، صارفين تي ٽه ماهي ۽ ماهوار ايڊجسٽمنٽ ۾ واڌ جو بار الڳ الڳ برداشت ڪيو، بجلي جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ حڪومت ٽيرف گهٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي، شهباز حڪومت هاڻي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف آپشنز تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت ٽيرف ۾ آءِ پي پيز سان معاهدن جي خاتمي يا تبديلي جو فائدو ڏيڻ جي تجويز ڏئي رهي آهي، بجلي جي بلن ذريعي گڏ ڪيل ٽيڪس جو به جائزو ورتو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.