اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته متحده عرب امارات هن مهيني 2 ارب ڊالرن رول اوور جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آچر تي رحيم يار خان ۾ يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات مفيد رهي ۽ ان دوران سيڙپڪاري بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، شهباز شريف چيو ته جيسيتائين بجلي سستي نه ٿيندي، تيستائين ترقي نه ٿا ڪري سگهون، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ 2 يا 3 آپشن موجود آهن، هلندڙ هفتي هڪ ٻئي گڏجاڻي ڪري انهن آپشنن تي غور ڪنداسين، اڳتي هلي آءِ ايم ايف وٽ به وينداسين، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽيڪسٽائيل روايتي برآمدات جو وڏو ذريعو آهي، ٽيڪسٽائيل روايتي برآمدات کي هٿي وٺرائڻ جو وسيلو آهي، امن معاهدي کانپوءِ ڪرم ۾ واقعو پيش آيو ۽ قافلي تي حملي ۾ ڊي سي زخمي ٿيو، اهو امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي مذموم ڪارروائي آهي.