بجلي 10 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ تي غور

اسلام آباد)م ڊ) وفاقي حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ مختلف آپشنز تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تحت حڪومت بجلي 10  رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ چاهي ٿي، ذريعن موجب وفاقي حڪومت جو پهريون آپشن آهي ته هو آءِ پي پيز سان ڳالهين جو فائدو عوام کي منتقل ڪري، 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ سان حڪومت کي مجموعي طور 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي ۽ اها بچت ساليانو 70 ارب رپيا هوندي، توانائي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بگاس جي 8 پاور پلانٽس جي ٽيرف ۾ تبديلي سان 238 ارب رپيا بچت ٿيندي، اها بچت 8 ارب 83 ڪروڙ رپيا ساليانو آهي، وڌيڪ 16 آءِ پي پيز سان معاهدن جي نتيجي ۾ 481 ارب رپين جو فائدو ٿيندو، IPPs جي معاهدن کي ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ سان صارفين کي فائدو ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سستي بجلي لاءِ سياري جي بجلي جي سهولت واري پيڪيج ۾ واڌ جو به جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، وفاقي حڪومت بجلي بلن تي ٽيڪس جي مد ۾ ساليانو 800 ارب رپين کان وڌيڪ حاصل ڪندي آهي، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته انهن سمورن قدمن سان حڪومت بجلي 10 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.