سرائيڪي صوبو ٺاھيو ، ڀلي ڪريڊٽ ن ليگ پاڻ کڻي:عبدالقار گيلاني

اسلام آباد( م ڊ) ملتان مان پيپلز پارٽي جي چونڊيل ايم اين اي  سيد عبدالقادر گيلاني چيو آھي تھ ن ليگ سميت ٻين جماعتن کي ھارائي  اسيمبلي ۾ پھتو آھيان ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي لاءِ ن ليگ کي ووٽ ڪيوسي پر توھان اسان کي ڇا ڏنو آھي؟ اي ڊي بي جي 3600 اسڪيمن مان  310 ملتان کي 188 ڊي جي خان 256 بھاولپور کي مليون آھن  باقي ٽي ھزار لاھور کي ڏنيون ويون آھن ڀلا تخت لاھور مان اسان جي جان ڪڏھن آجي ٿيندي؟ سرائيڪي وسيب جا ماڻھو ماچس جي دٻي تي بھ ٽيڪس ڏين ٿا تھ ميٽرو وري لاھور ۾ بڻائي وڃي ٿي رنگ روڊ اتي ٺھي ٿو ۽ اسان جو مزدور پيسبو رھي ٿو هن چيو ته  پي ٽي آئي جي دور ۾ ڏکڻ پنجاب ۾ سيڪريٽريٽ ٺھيو ھيو  ن ليگ ان کي بلڊزو ڪري ڇڏيو آھي،اڄ مان چوان ٿو سرائڪي صوبو ٺاھيو ۽ ڪريڊٽ ڀلي ن  ليگ کڻي. سرائيڪي صوبي جو مان بل پيش ڪندس جيڪو مخالفت ڪندو ان کي سرائڪي وسيب ۾ جڳھھ نھ ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.