ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙن ۽ اُنھن گاڏين جو غير مجاز استعمال ڪندڙن خلاف ايف آءِ آرون ڪاٽيون وينديون. ڪفايت شعاري بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اھم اجلاس سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ، سيڪريٽري جي اي محمد نواز سوھو شرڪت ڪئي. ڪميٽي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي ترڪ ڪيل گاڏين جي نيلامي جو بھ فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ معزز ميمبران پنھنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ خرچن ۾ گھٽتائي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون. اجلاس ۾ سرڪاري گاڏين جي استعمال، پيٽروليم، آئل ۽ لبريڪينٽس جي خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ بيڪار گاڏين جي نيلامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.