پ پ اڳواڻن پاران ٺٽي ۽ سجاول ۾ ڌڙابندي جون خبرون رد

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پ پ جي اڳواڻن پارٽي ۾ ھلندڙ اختلافن جي ترديد ڪندي ھلندڙ خبرن کي بي بيناد قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ان  سلسلي ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو ته اسان پيپلز پارٽي جو حصو آھيون، اختلافن جي حوالي سان ھلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت ناھي، سجاول ۾ ھٽايل آفيسرن جي حوالي سان نه ڪا خبر آھي ۽ اسان جو ڪو آفيسرن سان تعلق آھي، آفيسرن جو بدليون معمول جو حصو آھي جيڪي سڄي سنڌ ۾ ٿينديون رھنديون آھن. ھن چيو ته دڙو شھر ۾ سڏايل شھيد ڀٽو جي سالگرھ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ئي نه ڏني وئي ھئي. ٻئي پاسي پ پ پ ايم اين اي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ چيو ته ٺٽي ۾ پ پ پ ڪو به ڌڙو ناھي ۽ نه ئي وري ڪي اختلاف آھن، شيرازي ڀائر به پ پ پ حصو آھن، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ پ پ پ ڪي به اختلاف ناھن، اھڙن خبرن کي رد ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.