ڪراچي(رپورٽر)نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي سنڌ هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي اربين روپين جي ماليت جون 36 لک غير قانوني ۽ غير رجسٽرڊ پين ڪلر ٽيبليٽس هٿ ڪري ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن. صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ مڪيش ڪمار چاولا اڱاري جي ڏينهن ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ جي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هي ڪارروائي ٻه ڏينهن اڳ سسي ٽول پلازا ويجهو اسنيپ چيڪنگ دوران ٿي. هن ٻڌايو ته غير قانوني دوائون کڻي ويندڙ گاڏي کي قانوني تقاضا پورا ڪندي قبضي ۾ وٺي ٽيبليٽس جو ليبارٽري ٽيسٽ ڪرايو ويو، جنهن جي رپورٽ ۾ اهو ظاهر ٿيو ته اهي دوائون آئس ڪرسٽل ۽ ڪوڪين ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون،هن چيو ته ضبط ڪيل دوائون ڪورنگي ۾ قائم هڪ گودام منتقل ڪيون پئي ويون، جتي نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جي ٽيم ڇاپو هنيو، پر ڇاپي کان اڳ دوائون گودام مان هٽايون ويون هيون. هن وڌيڪ چيو ته دوائن جي پيڪنگ مان لڳي ٿو ته اهي دوائون پورٽ ذريعي اسمگل ڪيون ويون ۽ انهن کي ٻاهرين ملڪ موڪليو ويندو، پر ان حوالي سان ٻين انٽيليجنس ادارن سان گڏ وڌيڪ جاچ جاري آهي.