ڪراچي (رپورٽر) شاهه عنايت شھيد انقلابي ميلو ۾ شريڪ سنگت مطالبو ڪيو آھي ته زرعي سڌارا "جيڪو کيڙي سو کائي” جي بنياد تي ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه تي ڇھه ڪينال رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ڪالهه ڪراچي ۾ شاهه عنايت شھيد سوشلسٽ فورم پاران ورڪرز سوليڊرٽي فيڊريشن جي سھڪار سان جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو هڻندڙ انارڪسٽ انقلاب جي اڳواڻ ، عظيم انسان دوست ۽ ڏتڙيل ھارين ۽ پورھيتن جي ھڏ ڏوکي شاهه عنايت شھيد جي 306 ھين ورسي جي مناسبت سان فريئر ھال ڪراچي ۾ پھريون "شاه عنايت شھيد انقلابي ميلو” ڪيو ويو، انقلابي ميلي جو افتتاح مختلف ڪميونٽيز جي نمائندن وليم صادق، عبدالرزاق باجوا، ڪامريڊ بابو لادو، نعيم شيخ، صوفي فڪر جي سيد رضا شاھ، حمزو پنھور، فقيري رنگ جي ھر دلعزيز فقير ثناءُ الله گھنڃو، شيما ڪرماڻي، نزھت آرا، ڪامريڊ گل ناز منگي، فضل ڪلھوڙو ۽ ٻين "جيڪو کيڙي سو کائي” جي نعرن جي گونج ۾ ڪيو، ڪانفرنس ۾ مقررن ۽ محققن چيو ته شاهه عنايت عظيم انقلابي ھو جنھن کي جي ايم سيد جھڙي عظيم مفڪر انارڪسٽ قرار ڏنو جنھن پنھنجون جاگيرون غريب ھارين ۾ ورھايون ۽ ان جي پيروي ڪندي ليو ٽالسٽاءَ به روس ۾ ساڳيو عمل ورجايو، ان موقعي تي گل محمد منگي، بابو لادو، وليم صادق، معروف سياستدان عبدالرزاق باجوا، قادر اعظم، تابان ظفر، سيد رضا شاه، منور شاه، فضل ڪلھوڙو، حمزو پنھور، سامي ميمڻ ۽ ٻين چيو ته فرينچ انارڪسٽ ۽ مفڪر جوزف پروڌون جڏھن اھو لکيو ته ٽيڪس مزدور جي محنت جي چوري آھي ته شاھ عنايت ان کان ھڪ سو 47 ورھيه اڳ ٽيڪس ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنھن تي مڇرجي حڪمرانن، جاگيردارن، پيرن ۽ انھن جي ڪمدارن جھوڪ تي حملو ڪري ھڪ مضبوط ڪميون کي برباد ڪيو جنھن جي ڪري شاهه عنايت ۽ ان جي ڪٽنب جا گھر ڀاتي شهيد ٿي ويا، اڄ جڏھن دنيا ۾ شعور آيو آھي ته اھا شاهه عنايت جي فڪر کي تسليم ڪري اڳتي وڌڻ جا جتن ڪري رھي آھي، ھن چيو سنڌ "ڪميون جو ڳڙھ ۽ گھر” آھي ۽ ان جو بانيڪار شاهه عنايت الله آھي جنھن پھريون ڀيرو دنيا اندر بنا حڪومتي سماج يعني ڪميون قائم ڪري ڏيکاريو پر افسوس جو جھوڪ ۽ ٺٽي جي ھنن ڪميونز جو تحريري مواد ۽ شاه عنايت جي شاعري کي ساڙي رک ڪيو ويو، مير علي شير قانع، مير جان الله شاهه ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي جھڙن عالمن جي ڪري ڪجھ مواد ۽ احوال ملي ٿو، ھن موقعي تي نادر عباس، وليم صادق ۽ ٻين شاه عنايت ۽ ھارين ۽ پورھيتن جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي، ٻي پاسي مشاعري جي سيشن ۾ ناليوارن شاعرن سيد ڪرم علي شاه ڪرم، رانا روشان، نديم سبطين، منصور کوکر، گل محمد منگي، لياقت عباسي، ارشد زعيم قادري ۽ ٻين پنھنجي انقلابي شاعري ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي شاهه عنايت شھيد سوشلسٽ فورم جي سرپرست اعلي ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر جو پيغام پڙھي ٻڌايو ويو جنھن ۾ ھن چيو ته ھاڻي شاهه عنايت جي فڪر ۽ جدوجھد تي لکڻ جو عمل تيز ٿي ويو آھي ۽ ناليوارو دانشور ڊاڪٽر شاهه محمد مري شاه عنايت تي پنھنجو ٻيو ڪتاب "جھوڪ جي جنگ جو سالار” لکڻ ۾ مصروف آھي جڏھن ته گل محمد منگي پڻ "دنيا جو پھريون انارڪسٽ انقلاب” جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏئي رھيو آھي، شاهه عنايت پير نه پر ھڪ وڏو مھندار انقلابي آھي جنھن جو فڪر اڄ به قابل عمل آھي.