حڪمران آئين جي ابتڙ فيصلا ڪندا ته وفاق ڪيئن بچندو؟ زين شاهه

ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) سنڌ ۾ حڪومت مخالف تنظيمن جي گڏيل اتحاد جي ڊي اي طرفان سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف 11 جنوري کان  شروع ٿيندڙ بيداري مارچ جي حوالي سان اهم اجلاس ڄامشوري ۾ ٿي گذريو، جي ايم سيد منزل تي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، جماعت اسلامي جي حافظ طاهر مجيد، فنڪشنل ليگ جي زاهده ابڙو، پروفيسر ممتاز بانو، قومي عوامي تحريڪ جي شوڪت علي سريوال، عوامي جمهوري پارٽي جي خادم ٽالپر، پي ٽي آءِ جي فيصل مغل، سنڌ يونائيٽڊ آبادگار جو رسول لغاري، خضر حيات مڱريو، ارباب انور، لياقت علي، عنايت علي، حافظ بخشل سيهڙو، روشن ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، فقير غلام نبي سوڌو مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي آهي، اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي،سندس پٽ سوڌو ٻين تي ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪندي ان کي سنڌ سرڪار جي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي ان کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد زين شاھ چيو ته اسان سياسي جماعتون آهيون پر امن جدوجهد تي يقين رکون ٿا، اسان هٿيار نه کڻنداسين،  ملڪ جي صدر آصف علي زرداري گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي سان جيڪو غير قانوني ۽ غير آئيني منصوبو جوڙيو آهي، جنهن سان عوام متاثر ٿيندو جنهن سان وفاقي ۽ ٻيون صوبائي حڪومتون گڏ آهن، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا صوبائي وزير رڳو ڪوڙ هڻندا ٿا وتن، 1991 واري پاڻي ٺاھ جي ابتڙ فيصلا ڪيا پيا وڃن، جيڪو آئين جو حصو آهي، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي وڏو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن اوهان آئين جي ابتڙ ڪم ڪندا ته پوءِ فيڊريشن ڪيئن بچي سگهندي، ڇو ته هن وقت جيڪي به فيصلا ڪيا پيا وڃن انهن جو سڌو فائدو ملڪ جي عوام بجاءِ وفاقي حڪومت جي نوازيل ڪمپنين کي ٿي رهيو آهي، اسان جو بيداري مارچ، ڊويزنن، ضلعن ۽ شهرن تائين منتقل ڪيو ويندو ۽ هي تحريڪ جاري رهندي ۽ دنيا کي ٻڌائينداسين ته هي ملٽري بيوروڪريسي،ڪجهه حڪمران ڪارندا، پرڏيهي ۽ ڏيهي مفاد پرست عوام جي خلاف ۽ پنهنجي مفادن لاءِ غلط منصوبا جوڙي رهيا آهن جنهن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيندي ۽ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيندا جيڪو فيصلو اسان کي قبول نه آهي. سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف اسان جي جاري جدوجهد جي آبادگارن سوڌو سياسي سماجي تنظيمن ۽ عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ٿي رهي آهي ان ڪري حڪومتي ڌر جا ماڻهو اسان جي تحريڪ کان خوفزده ٿي ڪري مذهبي ۽ ٻيا تڪراري مسئلا اٿاري عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم يا ڪئنال ٺهڻ سان ٻهراڙين سان گڏ سنڌ جي شهري آبادين تي به وڏو اثر پوندو، ان لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرين ۾ سڄاڳي پيدا ڪري انهن کي پنهنجي احتجاج ۾ شريڪ ڪرايو ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪمرانن طرفان ڪيس داخل ٿيڻ ڪا نئين روايت ناهي، جڏهن کان پ پ کان عليحدگي اختيار ڪئي آهي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ هر قتل جي ايف آئي آر معظم علي عباسي تي داخل ڪئي ويندي آهي ڪيسن کي اڳ به 16سالن کان منهن ڏنو آهي ۽ اڳتي به ڏيندا رهنداسين. هاڻي اسان جي ٻڌي مضبوط ٿي چڪي آهي، هي ڪوڙو ڪيس به ختم ٿي ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.