تنگواڻي ۾ ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ ريلي،ڌرڻو

تنگواڻي(رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ زنگي بھلڪاڻي مان ھڪ مھينو 6 ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي بازياب نه ٿي سگھيا، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ بھلڪاڻي برادري پاران ايس ٽي پي ضلعي صدر  اڪرم باجڪاڻي،مھتاب ملڪ، شربت نندواڻي، اويس کوسو،غلام حسين ڏاھاڻي،امام بخش بھلڪاڻي،غلام حسين باجڪاڻي،اصغر ڏاھاڻي  جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وين ٽرمينل تي ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي، پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي اڳواڻن چيو ته لياقت بھلڪاڻي ۽ شڪيل بھلڪاڻي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آھن ضلع اندر امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي، آپريشن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا بجيٽ ھڙپ ڪئي پئي وڃي پر عام شريف شھرين جو تحفظ نه ڪيو پيو وڃي،ھنن ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ سميت پوليس جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تهاغوا ٿيل ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.