ماتلي ۾ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان واپاري قتل،ڀاءُ سخت زخمي

ماتلي (غلام رسول بلوچ) ماتلي شهر ۾ ٽنڊي غلام علي روڊ تي نامعلوم هٿيار بند ڦورو موٽر سائيڪل تي ڦر دوران فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو, تفصيل موجب ٽنڊي غلام علي روڊ تي ريزڪي دڪان بند ڪري گهر موٽندڙ ٻه ڀائر  عبدالواحد ولد نظير احمد  ڪمبوهه ۽  طاهر ڪمبوهه  گهر اچي رهيا هئا ته هٿيار بند موٽرسائيڪل سوارن  ڦر ڪرڻ جي ارادي سان روڪيو ۽  فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو 35 ورهين جو  عبدالواحد ڪمبوهه ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ طاهر ڪمبوهه زخمي ٿي پيو جنهن کي  تعلقه اسپتال ماتلي منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي،جڏهن ته شھر ۾ 51 لکن جي لاڳت سان شھر جي وک وک تي لڳايل سي سي ٽي وي ڪيمرائون بي لاڀ بڻيل پوليس ننڊ مان نه جاڳي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.