آربي او ڊي ٽو رٿا10 سالن کان بند پيل،منصوبو فزيبل ناهي:آپباشي کاتو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ 62 ارب روپين جي روائيز اسڪيم تحت 2001ع ۾ شروع ڪيل 273 ڪلوميٽر ڊگهي آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي 2015ع کان ڪم بندهجڻ جو نوٽيس وٺندي آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي ڪم بند هجڻ ۽ وفاقي کان فنڊنگ جاري نه ٿيڻ تي واپڊا چيئرمين ۽ واپڊا اختيارين کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ لاءِ گهرائي ورتو آهي. جڏهن ته پي اي سيءَ سنڌ جي آبپاشي واري کاتي کي آر بي او ڊي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ فنڊنگ ۽ فني معاملا واپڊا ۽ وفاقي حڪومت آڏو فوري اٿارڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي اي سيءَ آر بي او ڊي منصوبي جي رڪارڊ جي حوالگي بابت نيب، آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 15 ڏينهن ۾ رڪارڊ وصول ڪري رپورٽ پيش ڪندي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. ڊائريڪٽر نيب عبدالحفيظ صديقيءَ پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته آر بي او ڊي منصوبي تي نيب 4 ڪيسن تي جاچ ڪري رهي هئي جنهن مان آر بي او ڊي منصوبي لاءِ زمين جي خريداريءَ بابت 400 ملين روپين جي بيضابطگين واري جاچ ۾ صرف نيب اُهو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو هو جيڪو نيب ترميمن کان پوءِ هاڻي نيب جي دائري ۾ نه ٿو اچي ان لاءِ هن جاچ کي نيب هيڊڪوارٽر اماڻيو ويو آهي  نيب صرف آر بي او ڊي منصوبي تي 5 ارب روپين جي انڪوائري ڪري رهي آهي هاڻي نيب وٽ آر بي او ڊي منصوبي بابت ڪو به رڪارڊ تحويل ۾ ناهي. ڪميٽيءَ جي ميمبر خرم سومرو آبپاشي کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن نيب آبپاشي کاتي کي آر بي او ڊي منصوبي تي ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون هيون ته پوءِ منصوبي تي 10 سال ڪم نه ٿيڻ جو ذميدار ڪير آهي؟ جنهن تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري چيو ته رڪارڊ جي بغير آر بي او ڊي منصوبي تي ڪم ڪيئن اڳتي وڌائي سگهجي پيو. قاسم سراج سومرو چيو ته آر بي او ڊي ۾ 10 ارب روپين جي بي ضابطگين جي جاچ سبب اِهو منصوبو 11 سالن کان بند پيو آهي ۽ هاڻي هن منصوبي جي لاڳت 400 ارب تائين پهچي وئي آهي هاڻي وفاقي حڪومت 400 ارب ڪٿان ڏيندي؟ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو پي اي سي کي ٻڌايو ته آر بي او ڊي منصوبو جهڙي طرح ڊزائين ڪيو ويو آهي جيڪڏهن ان طرح ڪم ٿيو ته آر بي او ڊي جو زهريلو پاڻي سمنڊ کي به تباهه ڪندو ۽ ٻوڏ کان بچائڻ به مشڪل ٿي ويندو ان ڪري هي منصوبو فزيبل ناهي ۽ هن منصوبي جي پي سي پڻ روائيز ٿيندي جيڪا 400 ارب روپين کان وڌيڪ تائين پهچندي ان ڪري آر بي او ڊي جي فني معاملن ۽ فنڊنگ لاءِ واپڊا ۽ وفاقي حڪومت سان ڳالهيو وڃي. نثار کهڙو چيو ته آر بي او ڊي جو منصوبو فزيبل ناهي ته پوءِ 40 ارب رپيا ڇو خرچ ڪيا ويا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.