حيدرآباد(رپورٽر)ڪانفرنس ۾ سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ جو آڊيو پيغام ٻڌايو ويو. جنهن ۾ اسد شيخ چيو ته سانا سنڌ جي رواداري، سنڌ ۽ سنڌين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سنڌ سدائين رواداري جي ڳالهه ڪئي آهي. مذهبي انتهاپسندي نه صرف ماڻهن ۾ ويڇا وڌائي ٿي پر اها سنڌ جي صوفي ۽ سيڪيولر روايتن کي نقصان پهچائي رهي آهي. امن ۽ رواداري جي لاءِ اسان کي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. ان موقعي تي عرفانه ملاح نامياري شاعر افتخار عارف جي سنڌي عورتن جي لاءِ لکيل نظم پڙهي ٻڌائي، نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنهنجا نظم“خوابن تان هٿ نه کڻجو” ۽ “ٻڌايو فتوا فروشن جي پيشوائن کي” ٻڌايون. ڪانفرنس جي شروعات شاهه جي وائي سان ٿي. جيڪا نوجوان راڳي جانب سومرو گٽار تي پيش ڪئي. جڏهن ته هن جمن دربدر جي شاعري “وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” پڻ ڳائي ٻڌائي. ڪانفرنس جي ڪارروائي روماسا جامي چانڊيو هلائي.