پير ڳوٺ ڀرسان گهر تي هٿياربندن جو حملو، نوجوان قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي ) پيرڳوٺ ڀرسان ڪچي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻنڊي جوڻيجا ۾ هٿياربندن بشير جوڻيجو جي گهر حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 22 ورهين نوجوان نديم ولد علي مردان جوڻيجو قتل ٿي ويو آهي نوجوان جي قتل بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي اطلاع تي برادي جتوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرڳوٺ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي خوف پکڙجي ويو آهي. ان سلسلي ۾ مقتول وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن گهر تي حملو ڪري اسان جي نوجوان نديم کي قتل ڪيو ويو آهي هٿياربندن جا پيرا کڻي رهيا آهيون، ڪجهه ماڻهن سان مسئلو هلندڙ هو جوابدار واضح ٿيڻ بعد ڪجهه ٻڌائيندا سين. ٻئي طرف عبدالرحمان انڙ پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي واقعي شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي آهي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.