ڪراچي ۾کليل گٽر معصوم ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ 6 ورهين جو ٻارڙو کليل نالي ۾ ڪري پيو، ڪراچي جي علائقي شاهه  فيصل ڪالوني ۾ 6 ورهين جو ٻار کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو.ريسڪيو عملدارن موجب ٻارڙي جي ڪرڻ جو واقعو شاهه فيصل ڪالوني نمبر 2 ۾ پيش آيو.گٽر ۾ تيز وهڪري سبب لاش لڙهي ڪري ڪورنگي پل جي هيٺان نالي ۾ اچي ويو. پوليس موجب ٻارڙي جو لاش واقعي واري هنڌ کان لڳ ڀڳ 2 ڪلوميٽر پري مليو آهي.ايمبولينس سروس عملي 2 ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ ٻارڙي جو لاش گندي پاڻي مان ڪڍي ورتو، ايمبولينس سروس جا اهلڪار بغير حفاظتي ڪٽس ۽ آڪسيجن ماسڪ جي گندي پاڻي ۾ هيٺ لهي ويا. محمود آباد جو 6 ورهين جو عباد پنهنجي چاچي جي شادي لاءِ شاهه فيصل ڪالوني جي شادي هال ۾ آيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.