آبادي وڌڻ سبب نوان صوبا ٺهڻ گهرجن: خالد مقبول

اسلام آباد(م ڊ) تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي دعويٰ ڪئي آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي مولانا فضل الرحمان جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي آيو، ارڙهين ترميم بعد صوبا رياست بڻجي ويا آهن، آبادي جي بنياد تي صوبا وڌايا وڃن. جيو نيوز جي پروگرام جرگا ۾ ميزبان سليم صافي سان ڳالهه ٻولهه ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته رجسٽريشن جو معاملو اڃا تعليم واري وزارت وٽ آهي. هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن هن وقت تائين صنعت واري وزارت ڏانهن منتقل ناهي ڪئي وئي. 2018ع ۾ اسان جو 14 سيٽون ڪنهن ٻئي کيڏنيون ويون، انهن وٽ موقعو هو اسان کي ختم ڪن ها پر اسان پنهنجو مينڊيٽ واپس ورتو. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ ڪراچي ڏئي ٿي پر اختيار انهن کي آهن جيڪي هڪ پائي به نه ٿا ڏين. ارڙهين ترميم جو بهانو بڻائي وفاق هڪ پائي به خرچ نه ٿو ڪري، سنڌ حڪومت آرٽيڪل 141 اي تي عمل نه ٿي ڪري. پاڪستان ۾ بحران 2024 ع جي چونڊن نه پر 2018ع جي چونڊ نتيجن تي آهي. هن چيو ته ڌرتي ماءُ ملڪ آهي، صوبا ناهن، شفاف چونڊن کان اڳ سياسي پولرائزيشن جو حل ڪڍيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.