مذهب کي رياست کان ڌار ڪرڻو پوندو، ڪئنال ٺاهڻ ۽ زمينون کسڻ به انتهاپسندي آهي:ساناڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن دانشورن، عورت اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته رياست اڃا تائين مذهبي انتهاپسندن جي مٿي تان شفقت وارو هٿ ناهي کنيو، مذهب کي رياست کان ڌار ڪرڻ کانسواءِ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ناهي، ملڪ ۾ لڳل باهه رياست جي پاليسين جو نتيجو آهي، ان ڪري رياست کي هاڻ پنهنجا فارمولا تبديل ڪرڻا پوندا، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا(سانا) پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ “مذهبي انتهاپسندي: امن ۽ سلامتيء لاءِ موجود خطرا” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نامياري دانشور ڊاڪٽر اي ايڇ نيئر ڳالهائيندي چيو ته انتهاپسندي کي روڪڻ جي لاءِ حالتن جو تجزيو ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙين حالتن ۾ انتهاپسندي وڌي ٿي. هن چيو ته ضياءَ نعرو هنيو ته هتي مذهبي رياست هوندي. ان وقت ئي اهو سوال اٿيو ته مذهبي رياست ۾ شريعت ڪهڙي هوندي. جنهن کانپوءِ هتي شيعا ۽ سني فساد شروع ٿيا ۽ انهن فرقن جون تنظيمون جوڙيون ويون، نامياري ليکڪه، معاشي ماهر ۽ عورت اڳواڻ طاهرا عبدالله چيو ته مذهبي انتهاپسندي هٿياربند ٿيل آهي، هي ملڪ رڳو هڪ مذهب جي ماڻهن جو ناهي. پر هندو، سک ۽ عيسائي به هن ملڪ ۾ رهن ٿا، ان ڪري ڪفر جون فتوائون ڏيڻ بند ڪيون وڃن. هن چيو ته مذهبي انتهاپسندي محمد بن قاسم جي حملي سان گڏ آئي هئي. هي ڪو ضياءَ جي دور جي ڳالهه ناهي. ايوب خان خراب هو ته ضياءَ الحق ان کان گهڻا دفعا وڌيڪ خراب هو، هن چيو ته توهين جي قانون جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي ھن چيو ته انتهاپسندن ۽ رياست جي ڪرتا ڌرتائن جي روزي روٽي هڪٻئي سان جڙيل آهي. ان ڪري مذهبي انتهاپسندن خلاف رياست ڪا به ڪارروائي نه ڪندي. هن چيو ته نصاب جي تبديلي ضروري آهي، انتهاپسندي کي روڪڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ضياءَ جي سمورين آئيني ترميمن ۽ قانونن کي رد ڪيو وڃي. رياست کي مذهب کان جدا ڪيو وڃي. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو چيو ته سنڌي هزارين سالن کان سيڪيولر ۽ روادار رهيا آهن. سنڌي موهن جي دڙي جي سولائزيشن جا وارث آهن. سنڌي ڪڏهن به مارشل ريس نه رهيا آهن. هن چيو ته انتهاپسندي ۽ دهشت گردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، سانا انهن سمورين ڌرين جي مددگار ۽ سهڪاري ٿيندي جيڪي سنڌ اندر رواداري، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن جي تحفظ جي لاءِ آواز اٿاري رهيون آهن. نامياري صحافي، فلم ميڪر ۽ ايڇ آر سي پي جي ڪو چيئرپرسن منيزي جهانگير چيو ته سنڌ واقعي آخري پناهه گاهه آهي. حيدرآباد اچي ڏسون ٿا ته هتي عورتون کلي ڳالهائي سگهن ٿيون ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف احتجاج ٿيون ڪن. هن چيو ته اسان جا ماڻهو تنگ نظر ناهن، پر رياست پنهنجو فارمولو تبديل ناهي ڪيو. هن چيو ته طالبان سرحدن کي نٿا ڏسن، انتهاپسندي لهر جيان اچي ٿي. اسان پنهنجين نياڻين جي اسڪولن کي سڙندي ڏٺو آهي. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجن جهنڊن ۾ نه لڪڻ گهرجي. نقصان تمام گهڻو ٿي چڪو آهي. بيگناهه ماڻهو ماريا ويا آهن. ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي چڪا آهن. طالبان ڪٿي به اچي سگهن ٿا. هو هر هنڌ موجود رهن ٿا. ڇو ته رياست جون پاليسيون انهن کي طاقتور ڪن ٿيون. طالبانن کي آباد ڪري هٿياربند ڪيو ويندو رهيو آهي. اڄ به طالبانن سان وڙهندڙ سول سوسائٽي جي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي. هن چيو ته جن طالبانن لاءِ فوجي عدالتون ٺاهيون ويون انهن طالبانن کي آزاد ڪيو ويو. احسان الله احسان ڪيڏانهن ويو ڪير ٻڌائڻ جي لاءِ تيار نه هو. اي پي ايس اسڪول سانحي جي معصوم شهيد ٻارڙن جا وارث پڇن ٿا ته اسان جي ٻچن جا قاتل ڪيڏانهن ويا. ھن چيو ته  خيبر پختونخواهه بنيادي حقن بنا هلي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ دور ۾ لشڪر طيبه هئي هاڻ ٽي ايل پي سامهون آئي آهي. رياست اڃا تائين هنن مان هٿ ناهن ڪڍيا. رياست هنن کي نئين نالي ۽ شڪل سان سامهون آڻي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي سوچ ملڪ جي ٻين علائقن جي ماڻهن کان الڳ آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي توهين جي الزام ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو. رياست ڇو نٿي انتهاپسندي خلاف قدم کڻي. رياست ٺاهه ڪري ويٺل آهي. خدا نه ڪري اسان سان افغانستان جهڙو حشر نه ٿئي. ان ڪري رياست کي ڊيپ اسٽيٽ پاليسي کان هٽڻو پوندو. رياست ڀلي ڪجهه به سوچي پر ماڻهو ڪجهه ٻيو سوچي رهيا آهن. هاڻ هي طريقو گهڻو وقت نٿو هلي سگهي. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سنڌ ون يونٽ خلاف تحريڪ جي سرواڻي ڪئي، آمريت خلاف ويڙهه جو مورچو سنڌ رهي. انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ رجعت پرستي خلاف سياسي نقطه نظر سنڌ ڏنو. هن چيو ته سنڌ جي ترقي پسند شعور سدائين مزاحمت ڪئي آهي. مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي رياست ته هٿي ڏني آهي، پر ان جو عالمي پسمنظر به آهي. هن چيو ته اسان کي خوشفهمي ۾ نه رهڻ گهرجي. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي باهه ڪٿي به ڀڙڪي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان مذهبن جو احترام ڪيون ٿا، پر مذهب جي نالي ۾ سياست کي قبول نه ڪيو ويندو،اهو سوچڻ گهرجي ته مذهبي انتهاپسندن وٽ ايترا پئسا ڪٿا ٿا اچن. هڪ ننڍڙي انتهاپسند سان گاڏين جون قطارون ٿيون هلن. مذهب جي نالي تي فسطائيت، انتهاپسندي ۽ دهشت گردي کي قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل سماج کي جنجهوڙي ڇڏيو،هن چيو ته نئين نسل سان گڏ هلڻو آهي، هر مسئلي تي سنڌ جي نوجوانن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي،دنيا ۾ ترقي پسندي، روشن خيالي ۽ ماحول دوست خيال جو مستقبل آهي. جيڪي ڌريون سماج کي يرغمال بنائڻ چاهين ٿيون سنڌ انهن جو مقابلو ماضيءَ ۾ به ڪيو ۽ ايندڙ وقت ۾ به ڪندي رهندي. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته رياست نصاب، مدرسن ۽ ٻين طريقن سان انتهاپسندي کي پکيڙي ٿي. اها ڳالهه درست آهي ته مذهبي انتهاپسندي عالمي فنا منا به آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به عيد جي خوشين ۾ هندو به مسلمانن سان گڏ ھجن ٿا تاريخي طور تي مختلف مذهبن جا ماڻهو هتي امن ۽ ڀائيچاري سان رهن ٿا. هن چيو ته سڄي ملڪ کي سنڌ جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي ته سنڌ انتهاپسندي خلاف بيهي ٿي. سنڌ توهين جي الزامن تحت انسانن جي قتلن خلاف مزاحمت ڪري ٿي. پر اسان کي رڳو اها پريشاني آهي ته سنڌ ۾ مزاحمت جا سياسي مورچا ڪمزور ٿي ويا آهن. ان ڪري سياسي جماعتون پاڻ کي ٻيهر عوام سان ڳنڍين. انتهاپسندن آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪن ۽ پير کوڙي بيهن. سنڌ اسٽينڊ وٺي بيٺل آهي. هن پيپلزپارٽي سميت ٻين سياسي جماعتن سان مخاطب ٿيندي چيو ته آئون انهن سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن سان مخاطب آهيان ته ڊڄو ان ڏينهن کان ۽ خوف کائو ته جنهن ڏينهن توهان ڳڙهي خدابخش ۽ سن ۾ ورسي جي موقعي تي وڃي نه سگهو. هن چيو ته انتهاپسندي برموندا ٽرائينگل آهي، جيڪو سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويندو. جي ايم سيد 52ع ۾ ويسٽرن حڪمرانن کي ويانا ڪانفرنس ۾ چيو هو ته توهان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي جنهن بلا کي پالي رهيا آهيو اها توهان کي ڏگيندي. اهو ساڳيو ڪم پاڪستان جي رياست ڪري رهي آهي ۽ نقصان به کائي پئي پر هٿ نٿي ڪڍي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل کانپوءِ سنڌ جي مزاحمت اميد جاڳائي ڇڏي. رياست رڳو انتهاپسندن جي مٿي تان هٿ کڻي ته ڏسو سماج انهن انتهاپسندن سان ڪهڙو ٿو حشر ڪري. اهو ئي سبب آهي ته رياست سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن ڊيم ٿي ٺاهڻ ته ڪڏهن ڪئنال ٿي ڪڍي، يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي بيدردي سان قتل ڪرڻ وارا منظر اڄ به اسان جي سامهون آهن. هن جون هڏيون پوليس آفيسرن جي سامهون ٽوڙيون ويون. عمر سرهندي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي ماڻهن کي ڊيڄاريندو رهيو. ابتدائي طور تي ان ظلم تي ڪير ڳالهائڻ جي لاءِ تيار نه هو، پر سنڌ خاموش رهي اهو ممڪن نه آهي ۽ ائين ئي ٿيو، سنڌ جي ماڻهن خوف جي بتن کي ٽوڙيو، اسان عمرڪوٽ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ته هزارين ماڻهن نڪري شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي سنت کي ورجايو. ڇو ته پنهنجي رهبرن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ ابراهيم جويو جو فڪر اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته عمرڪوٽ جي احتجاج کانپوءِ اسان جون ڪجهه وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڪردار ڪشي ڪئي وئي. کلي عام اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون. پر مون کي اها پڪ هئي ته ڊڄڻ جي ضرورت ناهي سڄي سنڌ اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته هن وقت تائين پاڻ کي سيڪيولر جماعت سڏرائيندڙ پيپلزپارٽي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي هار پارائيندڙ پنهنجي ايم اين اي کي ڊي سيٽ ناهي ڪيو. قاتل ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز کي ڪجهه ناهي ٿيو. هو اڄ به سرڪاري مراعتون وٺي رهيا آهن،هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو ڪيس سنڌ جو ڪيس آهي. هي جنگ اسان کي کٽڻي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن جو انجام تائين پهچڻ ضروري آهي. اسان کي احتجاج جاري رکڻ گهرجي. چپ ڪري ناهي ويهڻو. هن چيو ته سنڌ ۾ صوفين جو وڏو اثر رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ اندر مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو هڪٻئي سان گڏجي پيار محبت سان رهندا آيا آهن. هن چيو ته سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن خلاف احتجاج ڪرڻ تي سنڌ جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ٿين ٿا. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه چيو ته سنڌ جو خيال اهو ئي آهي ته سنڌ اسان جو وطن آهي، سنڌي هڪ قوم آهن، انهن کي پنهنجي قومي ۽ سياسي آزادي جو حق حاصل آهي. ان سنڌ ۾ مذهبي روادار رهي آهي، صدين کان هتي ماڻهو مذهبن کان هٽي ڪري گڏ رهندا آيا آهن. هن چيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي وارو خطرو جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ ابراهيم جويو جي سنڌ کي آهي. هن چيو ته دنيا اندر ڪميونسٽ ۽ قومپرست تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ رجعت پرست ۽ سامراجي قوتن مذهبي ڌرين کي آندو. ان ڪم ۾ سموريون سامراجي قوتون مذهبي ڌريون ۽ رجعت پرست گڏ هئا. هتي مذهبي انتهاپسندي کي ڊالرن جي مدد سان طاقتور بڻائي پوري سماج کي باهه ۾ وڌو ويو. اهو پراجيڪٽ عالمي سطح تي سامراجي قوتن جو جوڙيل آهي، ان جو تازو مثال پارا چنار آهي. هن چيو ته هاڻ حالت اها آهي ته هتي رياست کي اسان جا مرده به قبول ناهن. ان ڪري ئي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش جي تذليل ڪئي وئي. هن چيو ته اليٽ ڪلاس جو هتي اسٽيٽسڪو آهي. ان ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي هار پارائيندڙ ايم اين اي کي ڊي سيٽ ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته مذهبي انتهاپسندي کي رياست جي اسپانسرشپ حاصل آهي. اسان جو سماج ٽٽي رهيو آهي. اسان جي سياسي تنظيمن کي نئين انداز سان سوچڻ گهرجي،عورت اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪه امر سنڌو چيو ته شڪار پور ۽ قلندر جي مزار تي ڌماڪي، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ مندر تي حملن سميت ٻيا ڪيترائي سنڌ تي انتهاپسندن حملا ڪيا. پر سنڌ انهن سمورن حملن جو ڀرپور جواب ڏنو، ان ڪري تاريخ ۾ لکيو ويندو ته سنڌ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف مزاحمت ڪئي. سنڌ چپ ڪري ناهي ويٺي. هن چيو ته قوم کي اڳتي وڌائڻو آهي ته اسان کي سماج جي ڪمزور طبقي جي لاءِ جاءِ ٺاهڻي پوندي،سرداري ۽ قبائلي نظام خلاف به عورت بيهندي، ائين ئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف به عورتون بيهنديون ۽ سنڌ اها جنگ ضرور کٽيندي، هن چيو ته ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي قبول ناهي. ترقي پسند سنڌ گهرجي ته دشمن کي سڃاڻي ليڪ ڪڍڻي پوندي. انهن مذهبي انتهاپسند ماڻهن کي پاڻ کان ڌار ڪري بيهاربو جيڪي سنڌ جو نالو کڻي پنهنجي مفاد جي سياست ڪن ٿا. عوامي سطح جي سياست ڪرڻي پوندي. ڇو ته عوامي اسپيس رجعت پرست ڌريون والاري چڪيون آهن. ان ڪري ئي ماڻهو پيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي پيرن ۾ پيل آهن. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي فيڊرل صدر عاليا بخشل چيو ته اسان کي لڪير ڪڍڻي پوندي جيڪڏهن ڪو جيئي سنڌ جو نعرو هڻي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردن جو مددگار بڻجي ان کي پاڻ کان ڌار ڪري بيهارجي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل به عدالت کان مٿاهون قتل آهي. پر قاتلن کي کلي ڇوٽ مليل آهي. هن چيو ته حڪمران روز اسان جي زمين پيرن هيٺيان ڪڍي درياهه جو سودو ڪري رهيا آهن. اسان کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن کان زمين ۽ درياهه کسڻ به انتهاپسندي آهي. هن چيو ته نصاب مدي خارج آهي ۽ ان ۾ رڳو نفرت ڀريل آهي. هن چيو ته سنڌ جو نوجوان هاڻ اڳتي نڪري چڪو آهي. هو پنهنجي ليڊر کي مرشد ۽ نطريي کي عقيدو نٿو سمجهي. ان ڪري سياسي قيادت ۽ پارٽين کي سوچڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي رڳو پٽڪو ناهي ڪرڻو. هاڻ مزاحمت جو وقت اچي ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.