اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي اهم حڪومتي ۽ انتظامي فيصلن تي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان ناراض ٿي وئي، پيپلز پارٽي ميري ٽائيم اينڊ سيپورٽ اٿارٽي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري مري ٽائم اينڊ سيپورٽ اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت مسلسل اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جن ۾ اعتماد ۾ نه ورتو پيو وڃي. اٿارٽي جي قيام جي منظوري جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي شازيا مري چيو ته وفاقي حڪومت مسلسل اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي، جن تي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، پاڪستان ميري ٽائم ايند سي پورٽ اٿارٽي جي قيام تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، شايد ن ليگ کي ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته هي حڪومت پ پ جي حمايت سان ئي قائم آهي. هن چيو ته اٿارٽي جي قيام تي فيصلي کان سنڌ حڪومت ۽ پ پ ٻنهي کي بي خبر رکيو ويو، جنهن ڏينهن حمايت ختم ڪنداسين ته وفاقي حڪومت به ختم ٿي ويندي.سندس چوڻ هو ته گهڻي وقت کان اهو مطالبو ڪري رهيا آهيون ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي، 11 مهينا گذري ويا پر اجلاس ناهي گهرايو ويو، آئين جي کليل ۽ مستقل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم آئيني طور تي 3 مهينن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. هن چيو ته ميري ٽائيم اينڊ سيپورٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آندو وڃي، ملڪ کي آئيني ۽ قانوني اصولن تي هلايو وڃي ته سڀني لاءِ بهتر ٿيندو. واضح رهي ته ان کان اڳ پ پ ڪينالن جي معاملي تي به ن ليگ سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انٽرنيٽ جي بندش تي به وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي.