شهدادپور ۾ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي درياهه بچايو ريلي

شھدادپور(ن ع آ) شھدادپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن جي درياھ بچايو ريلي ڪڍي وئي، ھالا چوڪ کان نڪتل ريلي پريس ڪلب پھتي ته جلسي عام ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ڪينال آصف علي زرداري پيو ٺھرائي زرداري صاحب بلاول صاحب هي ڪينال ناهن سنڌ ۽ ست ڪروڙ سنڌين لاءِ موت جو پروانو آھن چولستان ڪئنال 7 ڪروڙ سنڌين کي قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي سان سنڌ بيابان ۽ بنجر ٿي ويندي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ زمينن ۽ پاڻي تي قبضا بند ڪيا وڃن. پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوھن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سنڌ بک، بدامني ۽ بدحالي جو شڪار آھي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آھن. سانگھڙ کي ھٿ وٺي بدحال ڪيو ويو آھي. مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائي قتل ڪيو وڃي ٿو. سانگھڙ جي نوجوانن ۽ نياڻين جي اعلي تعليم لاءِ سورھيه بادشاھ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، زرعي ۽ آئي ٽي يونيورسٽيز قائم ڪيون وڃن. صنعتي زون قائم ڪري نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي،هن چيو ته ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ انتقام سان نه ھلندو. برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين. جيڪي حڪمران عوام کان ٻه وقت کي ماني به کسي وٺن اھي گورننس ڪيئن ڏيندا”؟ پ پ 17 سالن ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون، وسيلا ۽ ٻيٽ ڏئي اقتدار ورتو آھي. سنڌ حڪومت جي وزيرن کان وٺي ناظمن تائين ڪرپٽ ماڻھو مال غنيمت ڪري اربين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن. نيب ۽ ايف آئي اي ڪرپشن ۾ سھولتڪار ثابت ٿيا آھن،هن چيو ته  پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ ڏني وئي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌو درياءَ ۽ وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، اسان جي درياھ کي روڪيندئو ته سنڌي ماڻهو پنجاب روڊ جا روڊ رستا ۽ ريلوي پٽڙيون بند ڪري ڇڏيندا. سنڌو درياءَ اسان کي ڪنهن تحفي ۽ لاٽري ۾ ڪونه مليو آھي زبير ماڪوڙاڻي چيو ته  گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي صدام کوسو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن جي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي، محمود رخشاڻي چيو ته ڪوٽڙي کان ضرورت جيترو پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي جنھنڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي. حميرا خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناھي، آصف زرداري غير آئيني فيصلا ڪري رھيو آھي، جلسي کي ابراهيم بگٽي، حضور بخش ڏاهري،آتم ڀيل، ڪرم خاصخيلي، هادي بخش کوسو ايس ايس ٽي اڳواڻ عامر کوسو، رئوف باگراڻي، حسن کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جون اڳواڻ بختاور چنڊ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.