جوهي/دادو ( نمائندا ) گرين پاڪستان پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ روينيو کاتي پاران جوھي تعلقي جي 32 ديھن مان پھرين مرحلي ۾ 10 ھزار ايڪڙ جي لکت ڪري ڏيڻ لاءِ پيپر ورڪ مڪمل ،ذريعن موجب 10 ھزار ايڪڙن مان 6500 ايڪڙ ھڪ شخص جي نالي ليز ڪئي وئي آھي گرين پاڪستان ڪمپني جا نمائندا اڄ زمين جي وزٽ جائزي لاءِ دادو جوھي پھچي رھيا آھن، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ لاءِ ڊي سي دادو ايس ايس پي دادو کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي ڊپٽي ڪمشنر دادو ايس ايس پي دادو کي ليٽر لکي سيڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ جو چيو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار جوھي سپريڊنٽ انجنئر ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر آبپاشي سدرن کي مڪمل سھولتون فراھم ڪرڻ جو حڪم جاري ٿي ويو آھي ڪاڇي اندر مختلف ٿاڻن جي پوليس کي ھاءِ الرٽ ڪيو ويو آھي،سنڌ ۾ 57 هزار ايڪڙ زرعي زمين گرين پاڪستان پراجيڪٽ حوالي ٿيندي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ٽيم هن کان اڳ عمر ڪوٽ، مٺي ۽ ٻين ضلعن جو دورو ڪري چڪي آهي،جڏهن ته صدين کان آباد ڪاڇي واسين زمين جي مالڪي کسڻ خلاف مزاحمت ڪرڻ ۽ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي ٻئي پاسي دادو ضلع انتظاميا ڪاڇي جي زمين خانگي ڪمپني حوالي ڪرڻ واري ڳالھه کي رد ڪري ڇڏيو،ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو چيو آهي ته ڪاڇي جي زمين نه ڪنھن کي ڏني آھي نه وري ڏيڻ جي تياري آھي. هن چيو ته گورک ھل اسٽيشن تي فقط وڻڪاري لاءِزمين ڏني آھي، ڪاڇي جي پنھنجي تاريخ آھي، ڪاڇي جي چيڪي مٽي سان پيار آهي ڪاڇي واسي بي فڪر رھن ڪاڇي جي زمين جو انچ به ڪنھن خانگي ڪمپني کي نه ڏنو ويو آھي.
عمرڪوٽ ۾ 14 هزار ايڪڙ زمين جي ڊيل جي شفافيت تي سوال اڀرڻ لڳا
ڪراچي (محسن ٻٻر) سنڌ سرڪار عمرڪوٽ ضلعي ۾ 14 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏئي ڇڏي آهي. اهو معاهدو20 سالن جي ليز تي هڪ گرين انيشيئيٽو واري ڪمپني کي ڏنو ويو آهي. ان معاهدي تحت، جيڪڏهن ڪمپني ٽن سالن اندر پوکائي شروع نه ڪري سگهي، يا سنڌ حڪومت کي 40 سيڪڙو منافعو نه ڏئي سگهي، ته معاهدو رد سمجهيو ويندو. هڪ ڪمپني کي وقتي حڪومت ۾ سنڌ ڪابينا 52 هزار ايڪڙ زمين ڏني هئي، عمر ڪورٽ جي ڏنل 14 هزار ايڪڙ زمين ان جو حصو آهي. ان حوالي سان ڪجهه دستاويز سوشل ميڊيا تي پڻ سامهون آيا. گذريل ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ گرين انيشيئيٽو لاءِ ڪابه زمين ناهي ڏني وئي. جيڪا به ڏني ويندي اتي آبادي ناهي. سنڌ حڪومت پاڻ به غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ جو منصوبو رکيو آهي جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪنداسين. سرڪاري ذريعن موجب پاڻي فراهم ڪرڻ جي ذميواري انهن جي ناهي. سڄي سيڙپڪاري ڪمپني ڪندي، جنهن ۾ انفرااسٽرڪچر، مشينري، ۽ ٻيون گهرجون شامل هونديون. پنجاب حڪومت جيڪي معاهدا ڪيا آهن ان ۾ سيڙپڪاري پنجاب حڪومت ڪري ٿي. ان لاءِ هنن 20 ارب رپيا ڏيڍ سال اڳ هنن کي ڏئي به ڇڏيا هئا. هاڻي مختلف زمينون ڏيڻ کانپوءِ اتي انهن جو ڪم هلي رهيو آهي. دعويٰ ڪئي وئي ته اها زمين زرعي ناهي ۽ غير آباد آهي. ذريعن موجب زمين گهڻي ڀاڱي لائيو اسٽاڪ جي مئنيجمينٽ لاءِ ڏني وئي آهي. اتي لائيو اسٽاڪ جا فارم لڳندا. انهن لاءِ پوکائي ٿيندي ان مال لاءِ پوکائي ٿيندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته مال جي گوشت کي ايڪسپورٽ ڪيو وڃي. ان معاهدي تي باقاعده صحيحون ٿي چڪيون آهن ان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو نالو ڏنو پيو وڃي پر ان کي ظاهر ناهي ڪيو ويو، جنهن تي غير شفاف هجڻ جا سوال اڀرن ٿا. جيڪڏهن واقعي اها هڪ سٺي ڊيل آهي ته ان کي ظاهر ڪرڻ گهرجي. زمين جي اپت لاءِ ڪم ڪندڙ ليبر ۽ آفيسر مقامي هوندا يا نه، ان بابت ڪير ضمانت ڏيندو؟ ان معاهدي جي سمورن تفصيلن کي عوام آڏو آڻڻ گهرجي. اها سرڪاري زمين سنڌ جي ماڻهن جي زمين آهي جنهن تي هر شهري جو حق آهي ته اهو سوال ڪري سگهي ٿو.