ڀٽ شاھ (پ ر+ن ع آ )پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي گڏجاڻي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي جي صدارت ۾ ڀٽ شاھ ۾ ٿي جنهن ۾ حقوق خلق پارٽي سنڌ جي صدر مجيب پيرزادو، ھاري پورهيت ڪميٽي جي اڳواڻ فيض ڪيريو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نوراحمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري، انور رند، عالم لغاري، ڍول سريوال، شاهنواز خاصخيلي، ذوالفقار کوسو، اشرف خاصخيلي، ڀاڳچند، عقيل ماڪوڙاڻي، انيس عقيل ماڪوڙاڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 16 فيبروري 2025ع تي سڄي ملڪ جي هارين کي درپيش مسئلن تي ڀٽ شاهه ۾ اعلانيل ڪسان ڪانفرنس جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا،اجلاس ۾ چيو ويو ته سڄي ملڪ جا هاري بي يارو مددگار آهن. حڪمرانن هاري دشمن فيصلا ڪري هارين کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ، پنجاب، سرائيڪي وسيب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جون لکين ايڪڙ زمينون ملٽي نيشنل ڪمپنين کي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن وڪرو ڪري ڏيڻ جو ملڪ دشمن ۽ هاري دشمن فيصلو ڪيو آهي. سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ڪڍي پاڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ وارو حڪمرانن جو ملڪ دشمن فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.