ڄام شوري ۾ سنڌو بچائڻ لاءِ ريلي، درياهه لاءِ جان به قربان ڪنداسين:جونيئر ذوالفقار

ڄامشورو (رپورٽ : صدر الدين جوڻيجو ) ڄامشورو ۾سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سنڌو درياهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي شهيد مير مرتضي’ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي اڳواڻي  ۾ سوين ماڻهن المنظر ڄامشورو ۾ پهچي سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم وٽ سنڌ کي سڪائڻ واري سازش خلاف احتجاجي مطاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو سڄي سنڌ مان پارٽي ڪارڪنن توڙي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سنڌو درياهه ۽ سمنڊ کي الله جوڙيو آهي ته هي سرڪار ڪير ٿيندي آهي سنڌو درياهه کي ختم ڪرڻ واري؟  ڇا سرڪار خدا کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇا، هن چيو ته حڪمران ڪئنال ٺاهي ڪنهن جو پاڻي روڪي رهيا آهن، حڪمران  چولستان جي 40 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ ۽ سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا، هي اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي ۽ اهو اسان جي وجود تائين قائم رهندو ۽ سمنڊ تائين وهندو رهندو، حڪمران اھو جواز جاڻائي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي رھيا آھن تـ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رھيو آھي ان جو جواز ڄاڻائي سنڌودياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻندي وڌيڪ ڪئنال ڪڍي اسان سنڌين ھارين مزدورن ماھگيرن سنڌي قوم، مڇين آبي جيوت ۽ جانورن کي تباھ ڪيو پيو وڃي، اسان اھڙا ڪئنال ٺاھڻ ھرگز نـ ڏينداسين اھي ڪئنال اسان سنڌي قوم جي موت برابر آھن ھاڻي سوال نفعي نقصان جو ناھي ھاڻي سوال زندگي ۽ موت جو آھي اسان سنڌ جو عوام پنھنجي پاڻي لاءِ زندگي تن من قربان ڪري ڇڏيداسين اسان پنھنجي سنڌو دياهه جي بچائڻ لاءِ  جان جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. ان کان اڳ مسعود لوهار ڳالهائيندي چيو ته ذوالفقار ڀٽو  هاڻي جونيئر ناهي رهيو، هي هاڻي سينيئر اڳواڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو آهي، ڪئنال ٺهندا ته ملڪ جا ھڪ ڪروڙ ماڻهو پنجاب ۾ آباد ٿيندا، درياھ ختم ٿيو ته پوري سنڌ تباهه ٿي ويندي. ڊولفن بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ حسنين شاهه ڳالهائيندي چيو ته ڊولفن کي بچائڻ واري اسان جي جدوجهد حقيقت ۾ سنڌو درياهه کي بچائڻ واري جدوجهد آهي، جيڪڏهن سنڌو درياهه نه رهيو ته پوءِ ڪجهه به نه رهندو، اسان جي جياپي ۽ روزگار جا سمورا وسيلا ختم ٿي ويندا. فقير امداد هيسباڻي خطاب ڪندي چيو ته درياهه جي وارثن ملڪ جو بنياد رکيو، ذوالفقار منهنجي لاءِ مير صاحب آھي جڏھن بينظير ڀٽو هئي ته پ پ هئي هاڻي بينظير ڀٽو جي فوت ٿيڻ کانپوءِ پ پ  ختم ٿي چڪي آهي، سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ نعمت کهڙي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو ۽ سڀ ڪجهه آهي ان لاءِ رت جي آخري ڦري تائين وڙهندا رهنداسين. احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي علي رضا پلي پوٽو، عبدالرحيم کوسو، غازي قادر ڪٻر ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌو درياهه کي تباھ ڪرڻ، سڄي سنڌ اندر احتجاجن باوجود ڪئنالن جو منصوبو ختم نه ڪرڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ جون زمينون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن. ان موقعي تي مجيد سيال، عنايت عمراڻي، ارشاد خاصخيلي، نثار ميمڻ، ديدار ٻگھيو، شھزاد راڄڙ، سليمان ڀلائي، سيد طالب شاھ، حاڪم ملاح مظھر ملاح، اورنگزيب جمالي، ڪاشف باغي، بابر لاڙڪ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.  جڏهن ته احتجاجي ۾سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي صدر  ماجد سڪندر ملاح،  علي حسن ملاح، الهه ڏنو ملاح ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي ڪارڪنن سميت حمايت طور شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.