سنڌ ۾ تيل چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي کي خط

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري لائين مان تيل چوري ڪيس ۾ سي ٽي ڊي ايف آءِ اي کي ڪارروائي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.سي ٽي ڊي طرفان ايف آءِ اي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملوث جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ ڪئي وڃي، جوابدار سرڪاري آئل لائين مان چوري ڪري تيل وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن. سي ٽي ڊي جوابدارن جو مڪمل رڪارڊ ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو آهي. خط موجب سنڌ ۾ 5 سالن دوران جوابدارن خلاف 23 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته گروپ ۾ لطف سيال، عبيدالله، مهراڻ، گل خان ۽ يونس سميت 16 ماڻهو شامل آهن، جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم کي فنڊنگ پڻ ڪندا هئا.

  1. هنزا ۾ بجلي جي بندش خلاف قراقرم هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

هنزا ( م ڊ ) گلگت بلتستان جي سياحتي مقام هنزه ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف 3 ڏينهن کان قراقرم هاءِ وي تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. سياح لنڪ روڊن تي سفر ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته بسون، ٽرڪ ۽ ٽينڪر سميت وڏين گاڏين لاءِ رستا مڪمل  طور بند آهن.هنزه ۾ علي آباد جي علائقي ڪاليج چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان سلسلي ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بابا جان چيو ته هنزه ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته ”اسان ڌرڻي جو آپشن انتهائي مجبوري تحت چونڊيو آهي. اسان جي مطالبي تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته عطا آباد پاور پلانٽ سميت باقي سمورن منصوبن تي ڪم شروع ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن فوري طور تي جاري ڪيو وڃي، جڏهن ته ان جي مختصر مدي لاءِ ٿرمل پاور پلانٽ به قائم ڪيو وڃي. فوري طور تي بجلي فراهم ڪئي وڃي انهن مطالبن جي منظوري کانسواءِ ڌرڻو ختم نه ٿيندو.

  1. قازقستان ۾ تيز برفباري سبب 95 گاڏيون پاڻ سان ٽڪرائجي ويون

آستانا ( م ڊ )  قازقستان جي ميڊيا رپورٽ موجب آستانه هاءِ وي تي 95 گاڏيون ٽڪرائجي ويون.تيز برفباري سبب روڊ رستا ٻڏي ويا، جنهن سبب حادثا پيش آيا، جنهن دوران ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادٿي جو شڪار گاڏين کي هاءِ وي تان هٽايو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب برفباري سبب ٻين روڊن تي ٽريفڪ جو نظام پڻ متاثر ٿيو آهي

  1. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ملائيشيا ۽ بنگلاديش دوري جون تياريون شروع

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ايندڙ مهيني ملائيشيا ۽ بنگلاديش جي دوري لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.اسلام آباد جي سفارتي ذريعن موجب اسحاق ڊار 3 فيبروري کان 5 فيبروري تائين ملائيشيا جو دورو ڪندو، پرڏيهي آفيس ملائيشيا جي دوري بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم طرفان اسحاق ڊار کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي.  دوري دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪندو.دوري دوران اسحاق ڊار جي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات جو به امڪان آهي. سفارتي ذريعن اهو به ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ايندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندو. اسحاق ڊار بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي.

  1. ڀٽو شهيد آمر جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪيو :ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)توانائي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. 47 سالن جي جدوجهد کانپوءِ ڀٽو شهيد جي وارثن ۽ جيالن کي انصاف مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جو محبوب ليڊر هو، هن هڪ آمر آڏو حق جو آواز بلند ڪيو ۽ ڦاسي جي تختي تي چڙهيو پر ڀٽو شهيد آمر جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪيو. ناصر شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏنو ۽ ايٽمي طاقت جو تحفو ڏئي ملڪ کي ناقابل تسخير بڻايو. هن عوام کي سياسي شعور ڏئي جمهوريت کي مضبوط ڪيو. صوبائي وزير چيو ته اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪري سڄي عالم اسلام جي اڳواڻن کي متحد ڪيو. شهيد ڀٽو جي مقبوليت، قابليت ۽ سياسي شعور کي اڄ به دنيا  تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته اڄ به چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري ثابت قدمي سان شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورثي کي مضبوطي سان اڳتي وڌائي رهيا آهن.

  1. برطانيا ۾برفباري سبب زندگي مفلوج بڻيل، بجلي غائب

لنڊن ( م ڊ )برطانيا ۾ تيز برفباري سبب زندگي جو نظام سخت متاثر ٿي ويو آهي، هزارين گهرن جي بجلي غائب ٿي وئي آهي، اڏامون به متاثر ٿيون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب برمنگهم ۽ ليڊز بريڊ فورڊ ايئرپورٽس جا رن ويز برفباري سبب بند ٿي ويا، ليورپول ايئرپورٽ تي جهاز برف سان ڍڪجي ويا، رن وي کي صفائي کانپوءِ کوليو ويو پر اڏامون دير سان هلي رهيون آهن، مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.اسڪاٽ لينڊ جي علائقي لاخ گلاسڪار نوچ ۾ رات جو گرمي پد مائنس 11 تائين گهٽجي ويو. لنڊن ۾ گذريل رات ٿيل برفباري برسات سبب ڄمي نه سگهي. اتر آئرلينڊ ۾ 28 هزار ۽ انگلينڊ ۾ سوين گهرن جي بجلي بند ٿي وئي،لنڊن جي واٽر لو اسٽيشن تان ڪيتريون ئي ٽرينون بجلي بند ٿيڻ سبب معطل ڪيون ويون. اختيارين متاثر علائقن جي رهواسين کي گهرن ۾ رهڻ جي صلاح ڏني آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڊرائيورن کي خبردار ڪيو آهي ته اڄ اتر انگلينڊ ۾ 25 سينٽي گريڊ تائين برف ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.