نصيرآباد ( ن ع آ ) نصيرآباد لڳ ڳوٺ حاڪم ڏيپر ۾ ٻن ڀائرن وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 29 سالن جي اسفند عرف سمير پٽ الطاف ڏيپر قتل ٿي ويو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد آندو ويو ،نصيرآباد لڳ ڳوٺ حاڪم ڏيپر ۾ ڏيپر برادري جي سردار ڪمال خان ڏيپر ۽ سندس وڏي ڀاءُ سردار احمد خان ڏيپر ۾ پراڻن اختلافن سبب جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي فائرنگ سبب سردار ڪمال خان ڏيپر جي ڌر جو 29 سالن جو نوجوان اسفند خان عرف سمير گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ٿي ويو، جنھن کي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد آندو ويو ،واقعو ڳوٺ حاڪم ڏيپر ۾ پيش ٿيو، واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو آهي، مقتول اسفند خان عرف سمير پٽ الطاف ڏيپر سردار ڪمال خان ڏيپر جي ڌر جو آهي ۽ ٻنھي ڀائرن جو ڀائيٽو پڻ آهي