اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ليسڪو ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيل آفيسرن جي بحالي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اڳوڻو سيڪريٽري پاور شاهد خان ڪميٽي جي سربراهي ڪندو.وزيراعظم ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيل آفيسرن جي بحالي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.ڪميٽي ۾ سيڪريٽري توانائي، ليسڪو بورڊ جا ميمبر ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل آهي، اها ڪميٽي 10 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي. ليسڪو انتظاميا تي الزام آهي ته هن 12 آفيسرن جي بحالي لاءِ رقم ورتي ۽ هڪ انٽرنيشنل ڪمپني کان سامان خريد ڪيو. نوٽيفڪيشن موجب ليسڪو انتظاميا تي ليسڪو جي معاملن ۾ ضابطن کي نظرانداز ڪرڻ سميت خانگي هائوسنگ سوسائٽي کي غير قانوني ڪنيڪشن ڏيڻ جو الزام آهي. ٻئي پاسي خبر پئي آهي ته ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن ٽيم جا 14 آفيسر ليسڪو جي عملي سان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث نڪتا آهن اتي ڪرپشن ڪري رهيا هئا،ليسڪو وارن کان رشوت ورتي وئي انهن آفيسرن ڊائريڪٽر،ڊپٽي ڊائريڪٽر،اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، انسپيڪٽر، ايس آءِ،اي ايس آءِ ۽ هيڊ ڪانسٽيبل ۽ هڪ رٽائرڊ انسپيڪٽرشامل آهن.