واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي ڪارٽونسٽ آمريڪي ارب پتي جيف بيزوس خلاف ڪارٽون سينسر ڪرڻ تي ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. 64 ورهين جي اين ٽيلناس پنهنجي ڪارٽون ۾ جيف بيزوس ۽ ٻين آمريڪي ارب پتي ماڻهن کي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مجسمي جي سامهون ڊالرن جا ٿيلها پيش ڪندي ڏيکاريو هو. ڪارٽونسٽ پاران ٺاهيل ٻين آمريڪي ماڻهن ۾ فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زڪربرگ ۽ اوپن اي آءِ جو چيف ايگزيڪيوٽو سيم آلٽمن شامل آهن، جڏهن ته والٽ ڊزني جو آئڪن مڪي مائوس پڻ ٽرمپ جي مجسمي سان گڏ آهي. اين ٽيلناس چيو ته اهو ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ڪنهن اخبار هن جي ڪارٽون کي سينسر ڪيو هجي ڇو ته اهو ڪنهن جي خلاف آهي. هن چيو ته اهو هڪ خطرناڪ عمل ۽ صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. واشنگٽن پوسٽ جي ايڊيٽر ڊيوڊ شپلي چيو ته هو استعيفيٰ ڏيندڙ ڪارٽونسٽ جي ان تشريح سان اختلاف ڪري ٿو ته ايڊيٽوريل جو فيصلو غلط هو ۽ ڪنهن عمل جو نتيجو آهي.