شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 97هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي  وزيراعظم پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو پاران ملڪ کي ڏنل ايٽمي طاقت ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي هاڻي پرڏيهي طاقتن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چھبي رھي آهي، پر پاڪستان جو عوام ۽ افواج پاڪستان پنهنجي ملڪ جي قومي اثاثن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿاهن چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي متفق آئين ڏنو جنھن آئين کي پيپلز پارٽي اصل حالت ۾ بحال ڪرايو ۽ 18 ھين آئين سان ڇيڙ ڇاڙ کي آرٽيڪل 6 جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آھي ان عمل سان رات جي پيٽ ۾ جمھوري حڪومتن کي گھر موڪلڻ جو رستو بند ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ پنهنجو جمهوري ڪردار ادا ڪندي رهندي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين سالگرهه 5 جنوري تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ جوش خروش سان ملهائي وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽي شھيد ڀٽو کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.