اسلام آباد/لاهور(منصور علي خان)آءِ ايس پي آر جي سربراهه جي 40 کان 50 صحافين سان لاهور ۾ پوڻا ٻه ڪلاڪ ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي،جن ۾ نامي گرامي اينڪر ۽ سينئر صحافي مجيب الرحمان شامي، شازيه ذيشان، ڪامران شاهد، عمران شفقت، نصرالله ملڪ،اجمل جامي،مبشر لقمان،امين حفيظ،رضي دادا به شامل هئا، ان ملاقات ۾ ڪيل ڳالهيون آف دي رڪارڊ هيون،اتي چيو ويو ته فلاڻو سياستدان هي پيو چوي،فلاڻو هو پيو چوي،جنهن تي فوجي ترجمان چيو ته اسان کي ان سان فرق نٿو پوي،اسان پنهنجي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون،اينڪر حبيب اڪرم سوال ڪيو ته فتنه الخوارج جي اصطلاح ڪڏهن کان سامهون آئي آهي؟ جنهن تي فوجي ترجمان کي عجيب لڳو ۽ هن چيو ته مون کي تاريخ جي خبر ناهي پر اهو لفظ فتنو پکيڙيندڙن لاءِ آهي،ملاقات جي رڪارڊنگ به ٿي رهي هئي،