اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽيءَ پاران جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه مان 6 ڪيئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جي آبادگار تنظيمن جي اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽيءَ پُر امن احتجاجي جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تحت 23 جنوريءَ تي سکر ۾ ۽ 13 فيبروريءَ تي لاڙڪاڻي ۾ پُر امن احتجاجي مارچ ۽ مظاهرو ڪيو ويندو. اهڙو فيصلو حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر جي ميزباني هيٺ اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه، سيد زين شاهه، ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، سنڌ يونائٽيڊ فورم جي صدر بشير شاهه، رسول بخش لغاري کان علاوه  اسلم مري، امير علي ٿيٻو، مراد علي شاهه بُڪيرائي، محب علي مري، سيف الله گِل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪميٽيءَ “ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ“ جي 11۽ 12 جنوريءَ تي حيدرآباد هٽڙي باءِ باس کان عمرڪوٽ تائين رٿيل احتجاجي مارچ جي حمايت جو پڻ اعلان ڪيو.

  1. سرديءَ جي لھر ۽ برساتن ڪري ربيع جي فصلن کي نقصان جو انديشو

ڪراچي( عوامي آواز نيوز) ملڪ جي مختلف حصن جھڙوڪ پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿڌ جي شدت ۾ اضافي سميت بارشن جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي. ملڪ جي زرعي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ سرديءَ جي شدت ۽ بارشن جي سلسلي ڪري ربيع جي فصلن کي سخت نقصان جو انديشو آھي جن ۾ ڪڻڪ ۽ سرنھن جا فصل خاص ڪري شامل  آھن. سرديءَ ۽ بارش سبب اڪثر ڪري ميداني علائقن ۽ فصلن ۾ پاڻي جمع ٿي ويندو آھي جيڪو فصلن لاءِ انتھائي ھاڃيڪار آھي. ربيع جي موسم ۾ جيئن تھ ڪڻڪ ۽ سرنھن جا فصلن پوکڻ جي موسوم آھي، زرعي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ جاري ٿڌ جي لھر ۽ بارشون ڪجھھ وقت وڌيڪ جاري رھيون تھ خريف جي فصلن ڪڻڪ ۽ سرنھن کي سخت نقصان پھچندو.

  1. ستين زرعي آدم شماريءَ سان زرعي معيشت ترقي ڪندي: شجاع الرحمان

ڪراچي( عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ جاري ستين زرعي آدم شماريءَ جي سلسلي ۾گذريل پنجاب جي وزيراعلى ھائوس ۾ پنجاب جي فنانس منسٽر مجتى شجاغ الرحمان جي صدارت ۾ ھڪ اعلى سطحي اجلاس ٿي گذريو، مجتى شجاع الرحمان پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي نمائندگي ڪندي اجلاس جي صدارت ڪئي، انھيءَ موقعي تي فنانس منسٽر مجتى شجاغ الرحمان چيو تھ پنجاب ۾ زرعي آدم شماري پاڪستان بيورو  آف اسٽيٽسٽڪس جي سھڪار سان ڪئي ويندي. ھن چيو تھ ستين زرعي مردم آدم شماريءَ ذريعي وڌ ۾ وڌ زرعي شعبي متعلق معلومات حاصل ڪري پنجاب ۾ زرعي شعبي ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪيو ويندو ۽ ايندڙ دور ۾ وڌ ۾ وڌ ڊيجٽل ٽيڪنالاجي، اي آءِ ۽ ڊيٽا مينيجمينٽ جي شعبن کي استعمال ڪري وڌ ۾ وڌ زرعي اپت حاصل ڪئي ويندي. انھيءَ موقعي تي ھُن چيو تھ ملڪ جي مجموعي جي ڊي پي ۾ پنجاب جي زرعي معيشت 24 سيڪڙو حصو ادا ڪري ٿي ۽ تقريبا 29.4 ملين ايڪڙ زمين پنجاب آباد ڪري ٿو ۽ ڪروڙين ماڻھن کي روزگار جا ذريعا فراھم ڪري ٿو. ملڪ ۾ ٿيندڙ ستين زرعي آدم شماري پنجاب جي زرعي پيدوار ۾ اضافي جو سبب بڻجندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.