ڪرپشن سبب گڊو ۽ سکر بئراجن جي مرمت مڪمل ناهي ٿي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي نائب صدر ستار رند ۽ ممتاز کوسي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار جي ڪرپشن سبب گڊو ۽ سکر بئراجن جي مرمت جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي. وفاق توڙي سنڌ سرڪار سنڌ جا بئراج تباهه ڪري، سنڌ جو پاڻي چولستان جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿيون. اڳواڻن چيو ته جنوري جي مهيني ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ درياهه بچايو مچ ڪچهريون ڪيون وينديون ۽ ننڍا مارچ به ڪيا ويندا. 5 جنوري تي سم سورهڏي کان ڊگهڙي تائين 10 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويندو. چمبڙ ۾ 14 جنوري تي مچ ڪچهري ۽ 21 جنوري تي ريلي ڪئي ويندي. 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪري، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف جدوجهد کي ملڪي سطح تي منظم ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪبي. اسلام آباد ڪانفرنس ۾ سموري ملڪ جي ترقي پسند ڌرين کي شرڪت جون دعوتون ڏنيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.