اسلام آباد(م ڊ) پ پ ايم اين اي نبيل گبول جو چوڻ آهي ته شهباز شريف حڪومتي معاملن تي ڌيان نه پيو ڏئي، هو جلد رٽائر ٿيڻ وارو آهي، نواز شريف مريم کي وزيراعظم بڻائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته لڳي ٿو ته شهباز شريف ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو پر سندس وس ۾ ڪجهه ناهي، ن ليگ ڪجهه واعدا پورا ڪيا آهن پر بي وفائي به ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته وفا ڪرڻ ن ليگ جي فطرت ۾ ناهي ۽ هو تمام جلدي بي وفائي ڪن ٿا، حڪومت کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو، پيپلز پارٽي کي ڊرائيونگ سيٽ ڏيڻي پوندي.