پي ٽي آءِ جي ويڙهه فوج ۽ ن ليگ کي ويجهو آڻي ڇڏيو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پي ٽي آءِ فوج سان ايتري ته وڙهي آهي جو ن ليگ ۽ فوج کي ويجهو آڻي ڇڏيو آهي، عمران خان کي سمجهڻ گهرجي ته هي 2014 ناهي جو آءِ ايس آءِ سندس پويان بيٺي آهي، هڪ انٽرويو ۾  هن چي ته پي ٽي آءِ ڌرڻن يا ڌمڪيون ڏئي فوج کان کٽي نه ٿي سگهي، عمران خان جي حڪمت عملي غلط آهي، عمران خان ٽن سالن کان ملڪ جو مقبول ترين ليڊر آهي ۽ ڏيڍ سال جيل ۾ آهي، پر هو ڏيکارڻ ڇا ٿو چاهي؟ ڇا فوج کان طاقت سان کٽي ويندو؟ توهان فوج سان وڙهڻ وارا آهيو اهو سڀ ڪٿان شروع ٿيو؟ جڏهن مارچ 2023ع ۾  عمران خان کي گرفتار ڪري رهيا هئا، تڏهن کان عمران خان پنج هزار ماڻهن سان زمان پارڪ ۾ بيٺو هو ۽ چيو ته مونکي گرفتار نه ٿا ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.