اسلام آباد(م ڊ) ميثاق معيشيت بابت وزيراعظم جي آڇ تي مخالف ڌر جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته معاشي معاهدو تڏهن ئي ڪامياب ٿيندو جڏهن وزيراعظم ۽ سندس خاندان پنهنجي دولت واپس آڻيندا، اشرافيه جي مراعتن کي عام ماڻهن جو معيار زندگي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪيو ويندو ته ميثاق معيشت ڪامياب ٿيندي، هن چيو ته آئين، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني هوندي ته ميثاق معيشت ڪامياب ٿيندي، ٻي صورت ۾ اهو عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هڪ ڪوڙو نعرو آهي.