اسلام آباد(م ڊ) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهيون اڄ ٿينديون، جنهن جا وقت به تبديل ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، اجلاس هاڻي 11.30 وڳي بدران 3:30 وڳي ٿيندو. قومي اسيمبلي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اجلاس جي وقت ۾ تبديلي ميمبرن جي درخواست تي ڪئي وئي. حڪومتي ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، راجا پرويز اشرف ۽ فاروق ستار شامل آهن. پي ٽي آءِ طرفان اسد قيصر، اعجاز چوڌري، حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس شامل هئا. وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ اعجاز الحق ۽ خالد مگسي کي به شامل ڪيو هو.