اسلام آباد(فخر دراني+اعزاز سيد)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد خلاف هلندڙ ڪورٽ مارشل ۾ سندس وڪيل ميان علي اشفاق کي مقرر ڪيو ويو آهي،فيض حميد خلاف 10ڊسمبر تي فردجرم لاڳو ڪيو ويو،14 ۽ 15 ڊسمبر تي ٻڌڻي ۾ ميان علي اشفاق پيش ٿيو،هن فوجي عدالت ۾ درخواست ڪئي ته کيس هفتي لاءِ ڪيس جي تياري جو وقت ڏنو وڃي، 27 ڊسمبر تي ٻيهر باقاعده سماعت شروع ٿي چڪي آهي، پراسيڪيوشن پاران گواهه ۽ دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ويندا ۽ پوءِ فيض حميد کي دفاع جو حق ڏنو ويندو،ڪراس ايگزامنيشن به ٿيندي،جيوري ۾ ٽي جج هن وقت شامل آهن،ڪيس جي فيصلي جي مرحلي ۾ چوٿون نمائندو جيگ برانچ جو نمائندو هوندو، پر اهو ووٽنگ اٿارٽي نه هوندو،هڪ باخبر صحافي جي رپورٽ مطابق ڪجهه هفتن ۾ اهو ڪيس مڪمل ٿي ويندو پر ذريعن موجب ان ڪيس ۾ ٻه مهينا لڳي سگهن ٿا،فيبروري ۾ ڪيس مڪمل ٿيندو،ذريعن موجب فيض حميد پنهنجي دفاع ۾ جنرل باجوا جو نالو ضرور کڻندو،هو ضرور چاهيندو ته اڳوڻي آرمي چيف کي به ان ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي جيئن کيس معافي نه ته سزا مشڪل بڻجي وڃي،ان کان علاوه هن وٽ ڪو ٻيو آپشن ناهي،ذريعن موجب جنرل باجوا کي جيڪڏهن فوجي عدالت طلب ڪيو ته هو پيش ٿيندو،اها ڳالهه هن لاءِ به مشڪل صورتحال هوندي،جنرل فيض حميد جي وڪيل ميان علي اشفاق جي پي ٽي آءِ حامي اينڪر عمران رياض سان گهري دوستي آهي،هو پنهنجو هوم ورڪ پورو ڪندو آهي،اهو هن لاءِ هڪ چئلينجنگ ڪيس آهي،جڏهن ته ميان علي اشفاق جو چوڻ آهي ته هو هن ڪيس ۾ پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏ جنرل فيض جي وڪالت ڪري رهيو اهي،اميد آهي ته فيض حميد جو فوجي ٽرائل ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو، جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ڇا جنرل فيض عمران خان خلاف سلطاني گواهه بڻجي رهيو آهي؟ ته ميان ميان علي اشفاق جو چوڻ هو ته مان اهڙي ڪنهن ڳالهه جي تصديق نٿو ڪري سگهان ڇو ته ڪيس جي ڪارروائي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي دائري ۾ اچي ٿي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 02 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو