پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ نئين سال جي شاندار آجيان

آڪلينڊ/نيو يارڪ (م ڊ) پاڪستان ۾ نئون سال شروع ٿيڻ کان 9 ڪلاڪ اڳ دنيا ۾ نئين سال جو جشن شروع ٿي ويندو آهي. سڀ /ڏس کان اڳ نئين سال جي شروعات بئسفڪ سمنڊ جي گهٽ آباد علائقن ۽ پوءِ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ ٿي. آڪلينڊ ۾ 12هين وڳي آسمان تي روشنين ۽ آتشبازي سان نئين سال جي آجيان ڪئي وئي. شهرين وڏي انگ ۾ گڏجي جشن ملهايو. ٻيٽ ڪيرٽيميسي نئين سال جي آجيان ڪندڙ پهريون آباد ٻيٽ آهي. آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ نئين سال جي موقعي تي هاربر برج تي آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سال جي پڄاڻي تي سج لٿي جو منظر ڏٺو ويو ۽ رات جو جشن ملهايو ويو. جاپان، اتر ڪوريا، فلپائن، چين، انڊونيشيا، ٿائي لينڊ، ميانمار، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا ۽ ڀارت کانپوءِ پاڪستان ۾ نئين سال جي شروعات ٿيندي آهي. ڪيترائي ملڪ سال جي شرعات 25 ڪلاڪن کانپوءِ به ڪندا آهن. نئين سال جي شروعات 25 ڪلاڪن کانپوءِ آمريڪي ٻيٽ سمووا ۾ ٿيندي، ان کانپوءِ آخري بيڪر آئي لينڊ جو مقام هوندو جتي ڪا آبادي ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.