ڪراچي ( رپورٽر)سال 2024 ۾ ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۾ 482 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪراچي ۾ سال 2024 ۾ مختلف حادثن ۾ 482 ڄڻا فوت ۽ 410 زخمي ٿيا، ڪراچي ۾ 2024ع ۾ جتي اسٽريٽ ڪرائم دوران مزاحمت ڪرڻ تي 100 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا، اتي ٽريفڪ حادثن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون به ضايع ٿيو. ڏکڻ ضلعي ۾ ٽريفڪ حادثن دوران 44 ڄڻا فوت ۽ 82 زخمي ٿي پيا، ضلعي شهر ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿي پيا، سينٽرل ضلعي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 52 ڄڻا فوت ۽ 54 زخمي ٿي پيا، اوڀر ضلعي ۾ روڊ حادثن ۾ 51 ڄڻا فوت ۽ 80 زخمي ٿي پيا، ڪورنگي ضلعي ۾ 70 ڄڻا فوت ۽ 52 زخمي ٿي پيا.سال 2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ حادثا اولهه ضلعي ۾ ٿيا جن ۾ 161 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 217 زخمي ٿيا، ملير ضلعي ۾ 130 ڄڻا فوت ۽ 122 زخمي ٿيا،ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ اڪثر موٽرسائيڪل سوار آهن. شهر ۾ مقرر وقتن تي ٽريفڪ جي کوٽ باوجود حادثا پيش اچي رهيا آهن. سال 2024 دوران 51 ماڻهو پاڻي جي ٽينڪرن جي ڪري زندگيون وڃائي ويٺا. آئل ٽينڪر مان 10، ٽرڪ مان 71، ٽرالر مان 69، مسافر بس مان 48 جڏهن ته ڊمپر جي ٽڪر ۾ 32 ڄڻا فوت ٿي ويا.