اسٽيبلشمينٽ کي شهباز شريف جهڙو ”وزيراعظم“ نه ملندو

اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) عمران خان جي آزادي جو پري پري تائين ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي پر جيڪڏهن ڪو حادثو ٿي پيو ته صورتحال مختلف هوندي. ايوب خان جي دور ۾ يونيورسٽي بس حادثو ٿيو هو جنهن تي تحريڪ هلي پئي هئي. مشرف دور ۾ جنرل ڪياني ڪردار ادا ڪيو. ائين ڪو حادثو ٿي ويو ته پوءِ حالتون تبديل ٿينديون. هڪ حادثي پٺيان ٻيا حادثا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن جن کي روڪي ناهي سگهبو. خدا نه ڪري ته پاڪستان ۾ ڪا بدنظمي ٿي پئي. پل ڊاٽ تجويزون ڏنيون آهن ته پارليامينٽ اڳتي اچي، اوهان پوئتي هٽو. فخر دراني ان معاملي تي چيو ته پردي پٺيان ڪجهه نه ڪجهه ٿي رهيو هوندو آهي. عمران خان آزاد ته نه ٿيندو، مٿس ڪيس ته رهندا پر کيس سهولت ڏئي بني گالا موڪليو ويندو. هو ٻاهر ان لاءِ نه ويندو جو اولهه ملڪن پاران گارنٽي نه ملندي. قطر ڪا گارنٽي ڏئي پر سعودي عرب ائين نه ڪندو. عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ۽ 9 مئي ڪيسن ۾ سزا اچڻ کانپوءِ ڪو رليف ڏيڻ جو آپشن هوندو. باخبر صحافي موجب وزيراعظم شهباز شريف جهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهڙو ڪردار ڪو ٻيو ادا نٿو ڪري سگهي. کوڙ ماڻهو بلاول جو نالو وٺن ٿا ته اهو وزيراعظم بڻجي وڃي. هن وقت موجود ماڻهن مان جيڪڏهن ڏسجي ته وزيراعظم لاءِ رڳو بلاول آپشن آهي. پر رياست جي طاقتور ترين شخصيت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري بابت به سٺي راءِ نٿي رکي. ان ڪري شهباز شريف ئي جاري رکيو ويندو ڇو ته جيڪي ڪم هي ڪري سگهي ٿو، بلاول نٿو ڪري سگهي، بلاول آيو ته خدشو هوندو ته بلاول به شهيد ڀٽو ۽ بينظير جو ڏيک نه ڏيڻ لڳي. فخر دراني موجب جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪو آپشن ملي به ويو ته آصف زرداري نه مڃيندو، ان جو سبب اهو آهي ته رسڪ هوندي آهي، سياسي ناڪامي ۽ سڪيورٽي جي حوالي سان به، زرداري صاحب اڃا سمجهي ٿو ته بلاول کي وڌيڪ پڪو ٿيڻ جي ضرورت آهي. 2029 ۾ بلاول اميدوار هوندو جيڪڏهن ان کان اڳ ڪا تبديلي آئي به تڏهن به بلاول کي وزيراعظم نه بڻائيندا. هو بلاول کي اميدوار ظاهر ڪندا رهيا آهن پر حقيقت ۾ ته نواز شريف به اميدوار هو پر سڀني کي خبر هئي ته شهباز شريف کي وزيراعظم بڻجڻو آهي. ڀٽو جو فيس بلاول هو ته ان کي ئي اميدوار ڪرڻو هو. جيڪڏهن ائين ڪرڻو هجي ها ته بلاول کي وڏو وزير بڻائين ها جيئن مريم نواز کي ڪيو ويو. زرداري صاحب تيار نٿو لڳي. شهباز شريف ئي وزيراعظم رهندو. فخر دراني موجب مريم نواز ۾ سياسي گهرائي نظر نٿي اچي، سندس قدم منصوبا ڏيکاءَ وارا لڳن ٿا، ليپ ٽاپ ڏيڻ وغيره. نصاب کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعليم کاتي ۾ وڏي گنجائش آهي ڪم ڪرڻ جي. کيس سياسي تربيت جي ضرورت آهي. ذريعن موجب جيڪڏهن اوهان کي ماڻهن جي سياست ڪرڻي آهي ته اوهان کي ماڻهن ۾ ظاهر ڪرڻو پوندو. بينظِير کان وڏي ليڊر مريم نواز ناهي. بينظير پوءِ به هارين ۾ ويهندي هئي، ريڙهن تان خريداري ڪندي هئي، بينظير عام ماڻهو ڏيکاريندي هئي پاڻ کي. هاڻي مريم نواز به ضد ۾ آهي ته مان ته اهڙي ئي آهيان. پبلڪ ڊيلنگ تي هو ڪم ڪري ته اثرانداز ٿي سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 01 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.