26هين ترميم ۽ مينڊيٽ چوري مطالبن تان پٺتي هٽيا آهيون\عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين جي حڪمت عملي جنرل باجوا جي هئي. اهڙو اظهار وڪيل فيصل چوڌري عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان خلاف ڪيسن جو سلسلو هلي رهيو آهي.  سمورا ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، انهن ڪيسن ۾ ڪا به سچائي  ناهي.  اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل موجب عمران خان چيو ته آءِ ايس پي آر جو موقف درست ناهي، جنرل باجوه طالبان اسٽيبلشمينٽ جي معاملي تي حڪمت عملي ڏني هئي. هن چيو ته افغانستان جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيندو، ڳالهه ٻولهه هڪ موثر رستو آهي پر هتي ڪابل ۾ خاص وفد موڪلي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف بمباري ڪندا آهن. عمران خان چيو ته فوجي عدالتن مان سزائون تڪراري آهن، انهن ٽرائلز ۾ انصاف نظر نٿو اچي، پاڪستان جي آئين جو تحفظ ٿيڻ گهرجي ۽ انساني حقن جو به خيال رکيو وڃي.  اسان کي ڳالهين ۾ رعايت قبول ناهي، اسان انصاف گهرون ٿا، اسان جي اڳواڻن کي سياسي طور نشانو بڻايو پيو وڃي، حڪومت جي سنجيدگي کي ڏسندي 31 جنوري جي ڊيڊ لائن ڏئي رهيا آهيون. عمران خان جي وڪيل چيو ته 2 تاريخ تي ڳالهين ۾ حصو وٺنداسين، 26هين ترميم جي واپسي ۽ چونڊ جي مينڊيٽ جي چوري جي مطالبي تان هٿ کڻي ويا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.