ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسسٽنٽ ايڊمن آفيسر جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪرڻ وارو ڪيس جي ٻڌڻي  دوران عدالت ڊائو يونيورسٽي جي اسسٽنٽ ايڊمن آفيسر محمد فاروق جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي . عدالت جوابدار محمد فاروق جي هڪ لک رپين جا ڪاغذي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي .عدالت چيو ته ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو .عدالت چيو ته ايف آءِ آر ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته پيپر ليڪ ٿيڻ ۾ جوابدار جو ڪهڙو ڪردار آهي،عدالت چيو ته ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ جي فرانزڪ رپورٽ اڃا اچڻي آهي .عدالت چيو ته پيپر ليڪ ۾ ملوث جوابدارن جو ڪردار اڃا طئي ناهي ٿيو .عدالت چيو ته جوابدار سرڪاري ملازم آهي، سندس فرار ٿيڻ جو ڪو به خوف ناهي .عدالت ۾ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جوابدارن جي ضمانت جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي .ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.