خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڳاڙهي ڀٽ ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب گهر کي باهه لڳي وئي، باھ لڳڻ ڪري ڪمري اندر ستل گهر ڌڻي علي بهر پتافي سڙي فوت ٿي ويو، علائقي واسين پهچي باقيگهر ڀاتين کي بچائي ورتو، جڏهن ته باھه لڳڻ ڪري گهر ۾ پيل الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، هوڏانهن اطلاع تي فائرنگ برگيڊ عملي پهچي باھه وسائي ورتي، هوڏانهن فوتي جو مڙهه جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوتي شادي شده هو کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي ۽ محنت مزدوري ڪندو آهي، هوڏانهن صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي هدايتن تي تعلقه چيئرمين خانڳڙه حاجي عبدالرزاق خان مهر ٽيم ساڻ ڪري متاثر خاندان وٽ پهچي کين راشن، ڪنبل ۽ ٻيو سامان تقسيم ڪيو.