پاڪستان ۽ افغانستان ۾جاري ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ ۾ افغانستان بابت پاڪستان جي پاليسي تي بحث شروع ٿي ويو آھي، پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ رھيو آھي، جنھن جي ماضي ۾ افغان پاليسي خطي، ريجن توڙي سڄي دنيا جي ميڊيا جي زينت بڻيل رھي آھي. جنھن کان ذي شعور سياسي ڪارڪن ۽ سياسي ماھر واقف آھن.
اڃان ڪالهھ ڪالھوڻي ڳالھھ آھي تھ ھاءِ برڊ جمھوريت جي نالي ملڪ ۾ قائم حڪومت ۽ ھر ريت ان جي پٺڀرائي ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ افغانستان جي حامي رھي آھي، افغان طالبان سان ويجھڙائي جي ڪري ئي آمريڪا جي بھ ھٿ رکندو آيو. اھو جادو تڏھن ٽٽو جڏھن قطر جي ملڪ ۾ رياستي مھمان ڪري ويھاريل طالبان جي قيادت کي ڳالھين جي ميز تي آندو ويو ۽ طالبان سان آمريڪا سڌي ريت پنھنجا لاڳاپا قائم ڪري ورتا، جنھن بعد ان جي پاڪستان کي ضرورت نھ رھڻ ڪري، ان کان منھن موڙي ڇڏيو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي جڏھن ھر سطح تي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل ھئي ۽ ان پس منظر ۾ حڪومت کي اڳيان ڪري پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڳالھيون ڪيون.نتيجي ۾ ٽي ٽي پي، جي ڪيترن ئي ويڙھاڪ جٿن کي معافي ڏني وئي ۽ انھن کي واپس اچڻ ۽ پڻ آباد ٿيڻ جي راھداري ڏني وئي ھئي.تڏھن تھ ڪنھن بھ عسڪري حلقي مان اھڙو ڪو ردعمل نھ آيو ھو، جنھن مان اھو تاثر ملي تھ اسٽيبلشمنيٽ ان جي خلاف آھي. ان ڪري اھو مڃڻ بھرحال ڏکيو آھي تھ ان سموري معاملي کي رڳو پاڪستان تحريڪ انصاف جي خواھش ۽ مرضي موجب پاليسي طور اختيار ڪيو ويو ھو.
ملڪ تي حڪومت ڪنھن بھ جماعت جي ھجي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪجھھ کاتن خاص طور تي پرڏيھي معاملن واري کاتي ۾ اڪيلي سر حڪومت کي پاليسي ٺاھڻ نھ ڏني آھي.اھو تسلسل تھ جنرل ضياءَ الحق کان جاري آھي.ان بعد جڏھن اسٽيبلشمينٽ جي خواھش جي ابتڙ محترمھ بي نظر ڀٽو سادي اڪثريت حاصل ڪئي ھئي تڏھن پڻ ان وٽ پرڏيھي کاتو مڪمل طور تي آزاد نھ ھو.
تنھن ڪري اھو ممڪن نٿو لڳي تھ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ کي پٺ ڏئي ڪري پي ٽي آءِ، حڪومت ٽي ٽي پي، جي جٿن کي معاف ڪيو ھجي ! ھاڻي جڏھن آءِ ايس پي آر جو سربراهه اھو چئي رھيو آھي تھ 2021ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان جي ويڙهاڪن کي معافي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو تھ اصل ۾ عسڪري نمائندو پنھنجي مٿان لاڳو ٿيندڙ ذميواري کان آجو ٿي رھيو آھي.جيڪڏهن اهو فيصلو عمران خان حڪومت به ڪيو هو ته ان وقت فوج به ان فيصلي ۾ شامل هئي. فوج جي ترجمان پنهنجي طرفان ڪنهن به غلطي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت اپريل 2022ع ۾ ٽوڙي وئي. لڳي ٿو ته فوج ان حڪمت عمليءَ کي جاري رکڻ تي راضي هئي، پر بعد ۾ اها صورتحال تبديل ٿي وئي. معاملن کي سڌي ڪرڻ جي لاءِ اصول موجب آءِ ايس پي آر کي نئون موقف بيان ڪرڻ گهرجي ها ۽ وضاحت ڪرڻ گهرجي ها ته اڳوڻو موقف ڇو ورجايو پئي ويو ؟ سمورو بار تحريڪ انصاف تي وجهڻ نھ رڳو ڪنھن ريت مناسب آھي ۽ نھ ئي ان کي ڪنھن سطح تي قبوليو ويندو.
ھاڻي بھ سياسي حڪومت ۽ سٽيبلشمينٽ کي افغانستان بابت نھ رڳو پاليسي چٽي ڪرڻ گھرجي پر ان موجب عملي قدم پڻ کڻڻ گھرجن. ڇاڪاڻ جو پاڪستان جو تمام وڏو مسئلو افغان پاليسي جي ڪري ئي رھيو آھي.ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڊگھي سرحد پنھنجي جاءِ تي پر اسان جو ھر دور ۾ افغانستان ڏانھن گھڻو نرم گوشو ھئڻ ڪري بھ وڏو نقصان پھتو آھي.ھن وقت ملڪ ۾ جيڪا انتھا پسندي ۽ شدت پسندي آھي ان ۾ افغان معاملي جو وڏو ھٿ آھي.
اڳ ۾ ئي پاڪستان کي پنهنجي افغانستان پاليسي تي نظر ثاني ڪرڻ جي سخت ضرورت ھئي. ڇاڪاڻ ته جاري افغان پاليسي مثبت نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام وئي . ڪابل ۾ طالبان حڪومت پاڪستان جي دٻاءُ جو جواب نه ڏنو آهي ته جيئن افغان سرزمين مان سرگرم دهشتگرد گروپن کي بي اثر ڪيو وڃي. نھ رڳو ايترو پر علائقائي اقتصادي تعاون کي بهتر ڪرڻ لاءِ بھ تيار نظر اچي رھي ھئي. اھا عجيب ڳالهھ نھ آھي تھ ھر ڀيري افغناستان ۾ جيڪو ڪجهھ بھ ٿيو آھي ان جي لاءِ ھڪ وکريل ملڪ جي انتظاميھ پاڪستان تي ان ۾ ملوث ھجڻ جو الزام مڙھيندي رھي آھي ۽ اسان جي ملڪ پاران ھر ڀيري ضرورت کان وڌيڪ نرم رويو اختيار ڪيو ويندو رھيو آھي.
پاڪستان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف اقتصادي ۽ سفارتي طور تي ڪافي قدم کنيا آهن. ان ھوندي بھ افغان طالبان پنهنجي سخت موقف تي قائم رھيا.اھو بھ عجيب آھي تھ ھاڻي جڏھن معاملو گھڻو خراب ٿي ويو ۽ چيني شھري پاڪستان ۾ نشانو بڻجڻ لڳا تھ چين افعانستان جي حڪومت سان رابطو ڪري پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رابطي ڪرڻ ۽ معاملن کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جنھن جو بھ ڪو خاص مثبت نتيجو نھ نڪتو. طالبان تي اثر انداز ٿيڻ واري پاڪستان جي صلاحيت جي حوالي سان ملڪ جي ساک کي نقصان پھتو آھي.
افغانستان جي ھاڻوڪي صورتحال مان اھو نتيجو نڪري ٿو تھ طالبان تي پاڪستان جو اثر گهٽجي رهيو آهي ۽ ڳچ عرصي کان افغان طالبان تي دنيا جي ٻين ملڪن جو اثر وڌي ويو آھي.ساڳئي وقت پاڪستان تي طالبان جو اثر وڌي رهيو آهي.
افغانستان سان پاڪستان جي لڳندڙ ٻن صوبن بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ھن وقت تشدد جو مرڪز ٿي ويا آھن.جنھن سان سيڪيورٽي فورس تھ محفوظ نھ آھي پر عام شھري بھ خوف ۾ ورتل آھن. پاڪستان-افغان سرحد سان لڳل علائقا خاص طور تي غير محفوظ آهن.
اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ علائقائي سياسي محاذن تي سھڪار تي ٻڌل اثرائتي افغان پاليسي کانسواءِ پاڪستان کي گھڻن ئي چئلينجز کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. ھتي اھو بھ ذھن ۾ رکڻ جي ڳالھھ آھي تھ طالبان اختيارين جا وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪن سان گڏوگڏ روس ۽ چين سان نسبتاً مستحڪم لاڳاپا آهن، جنهن ڪري طالبان قيادت جي همٿ وڌي آهي.