فتح جنگ ڀرسان بس سان حادثو، 11 ڄڻا فوت

فتح جنگ (ويب ڊيسڪ) موٽر وي ايم 14 تي فتح جنگ ڀرسان مسافر بس سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب موٽر وي ايم 14 تي فتح جنگ ڀرسان بس سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ترجمان ٻڌايو ته بس بهاولپور کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته ڊرائيور جي لاپرواهي سبب حادثو پيش آيو، فوتين ۾ 6 عورتون ۽ 5 مرد شامل آهن، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.