انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي شاندار ڪانفرنس، سيمينار ۽ علمي ادبي ميڙاڪو اڄ 29 ڊسمبر 2024ع تي پي ايم اي آڊيٽوريم ڪراچي ۾منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ رياض شاهد جي انجمن ترقي پسند مصنفين جي تاريخ ، جدوجهد ۽ ڪارڪردگي بابت لکيل ڪتاب "ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو” جي مهورت ڪئي پيئي وڃي ۽ انهيءَ ڪتاب بابت نيازمند طرفان پيپر ۽ جائزو پيش ويندو جيڪو پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.
ڪتاب ”ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو“ پنهنجي نالي ۽ ڪتاب جي عنوان جي مناسبت سان ئي پنهنجو تعارف پاڻ آهي ته هيءُ، هڪ ڪتاب نه پر پنهنجي اندر "ڪيئي ڪتابن جو مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب پنهنجي جاءِ تي برصغير جي ترقي پسند تحريڪ ۽ خاص طور تي انجمن ترقي پسند مصنفين جي شاندار تاريخ ۽ مثالي تحريڪ جو قيمتي دستاويز آهي. هن ڪتاب جو مصنف رياض شاهد دايو جيڪو پاڻ به سنڌ جو هڪ ناميارو اديب ۽ ترقي پسند تحريڪ جو وڏو نالو آهي ۽ خوش قسمتي سان انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر ۽ اسان سڀني جو محبوب دوست پڻ آهي. هن هن ڪتاب جي موضوع تي محدود صفحن اندر يقينن انجمن ترقي پسند جي تاريخ کي مختصر پيرائي ۾ بيان ڪري موضوع سان يقينن انصاف ڪيو آهي هن ڪتاب ۾ شامل15 بابن ۾ اهم موضوع شامل آهن، انهن ۾
ترقي پسند ادبي تحريڪ جو تاريخي پس منظر
انجمن ترقي پسند مصنفين جون هند ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسون
پاڪستان ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين (ڪل پاڪستان ڪانفرنس لاهور 1949)
انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان گولڊن جوبلي ڪانفرنس (1986ع)
انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان جي نئين سر جوڙجڪ
انجمن ترقي پسند مصنفين پلاٽينم جوبلي ڪانفرنس(2012ع لاهور)
انجمن جي نئين سري سان سرگرم ٿيڻ کانپوء جي ڪارڪردگي
انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي تنظيمي ڪارڪردگي
انجمن طرفان ڪتابن تي ڪرايل چٽا ڀيٽي جو وچور
انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي ڪاروباري ڪاميٽي جا اجلاس
ان کان علاوه انجمن ترقي پسند مصنفين بلوچستان، پنجاب، خيبر پختونخواور اسلام آباد جي ڪارڪردگي بابت تفصيل
ترقي پسند تحريڪ ۽ سنڌي ادب جا اهم باب شامل آهن، جنهن ۾ اسان ۽ اوهان لاء ننڍي کنڊ، هندستان ۽ پاڪستان جي انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي بابت محدود صفحن جي حد بندين ۾ وڌ ۾ وڌ آگاهي ڏني ويئي آهي.
سنڌي ٻولي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ادبي تحريڪ بابت سنڌي زبان ۾ ڪتاب ۽ بنيادي معلومات جي مناسبت سان هن طرح جي ڪتاب جي تمام گهڻي ضرورت ۽ کوٽ محسوس ڪئي پئي ويئي. ڇاڪاڻ جو ترقي پسند علم ۽ ادب، سنڌ ۽ سنڌي سماج ۾ قدرتي طور تي تمام گهڻو شاهوڪار ۽ غالب حيثيت ۾ موجود آهي پر انجمن ترقي پسند مصنفين جي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان وابستگي ۽ ڳانڍاپو جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ وڌيو ۽ اجاگر ٿيو آهي ان لاءءِ بنيادي معلومات واري آڪسيجن، خوراڪ، ڀاڻ ۽ پاڻي جو ڪتابن جي صورت ۾ ملڻ تمام ضروري عمل آهي. سرهائي واري ڳالهه ته سنڌ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين تمام گهڻو وڌي آهي ۽ شاخون ۽ شاخن جون سرگرميون وڌي رهيون آهن. سنڌي قوم ۾ ترقي پسند ادب ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي عوام دوست اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ليکڪن جي وڌندڙ مقبوليت ۽ مڃتا سٺو سنئوڻ آهن. سنڌي قوم کي پنهنجي قديم ملڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ علم و ادب جي دنيا ۽ عالمي ادب جي وهڪرن ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان رنگ و آهنگ ۽ ترنم واري احساس کي اختيارڪرڻ، انهي رس ۽ چس کي پاڻ چکڻ ۽ انهيءجو شراڪت دار ٿيڻ يقينن تمام خوشگوار احساس مهيا ڪري رهيو آهي.
ڪتاب،”ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو“، يقينن دنيا جي سوشلسٽ انقلابن جي اثر هيٺ پيدا ٿيل هڪ عالمگير ترقي پسند تحريڪ جي ڪارڪردگي جو هڪ عڪس آهي. سوشلسٽ انقلابن ۽ ترقي پسند ادب، فڪر ۽ نظريئي دنيا جي هر ملڪ ۽ معاشري کي متاثر ڪيو ۽ انهن تي پنهنجا اثر وڌا آهن. سوشلسٽ عوامي انقلابن وانگر ترقي پسند، سوچ، فڪر، روشن خيال، عوامي ادب ذهنن کي تازگي مهيا ڪرڻ جو ذريعو آهي روشن خيال فڪر، نظر ۽ ترقي پسند نظرئين کي انساني معاشرن ۽ سماج ۽ عوامي زندگي کي خوشگوار، معطر ۽ ساڃهه وارو بنائڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
گڏيل ملڪ ننڍي کنڊ واري خطي جي ترقي پسند ۽ عوام دوست ادبي تحريڪن جي جدوجهد جي 1934ع ۾ انگلينڊ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي بانين ڪامريڊ سجاد ظهير ۽ ٻين ترقي پسند ليکڪن ۽ اديبن شاعرن جي سرواڻي ۾ٿيل شروعات تمام اهم واقعو هو ۽ ان بعد 1935ع ۾ اها تحريڪ هڪ لاٽ جي شڪل ۾ هندستان جي شهر اله آباد ۾ جلوه گر ٿي ۽ اتي ترقي پسندن جي ٿيل وڏي ميڙ ۽ اجتماع ۾ اها مشعل روشن ڪئي ويئي اها ترقي پسندن ليکڪن جي اها تنظيم انجمن ترقي پسند مصنفين،يا پروگريسو رائٽرس ائسوسئيشن طور قائم ڪئي ويئي. جنهن ننڍي کنڊ ۾ هڪ وڏو علمي ۽ ادبي مقام حاصل ڪيو. ان بعد 1947ع ۾ پاڪستان بنجڻ بعد اسانجي ملڪ ۾ انهيء انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان جي سڃاڻپ سان هتي پنهنجو مرڪز قائم ڪيو ۽ سموري ملڪ ۾ اها تحريڪ اڳتي وڌي ۽ اڄ ملڪ کي مني صدي کان مٿي عرصو گذري وڃڻ بعد به اڳتي وڌي رهي آهي ۽ هن وقت سموري ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ پنهنجو هڪ سرگرم سلسلو جاري وساري رکيو اچي. هن ڪتاب ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين جون تاريخي جهلڪيون ۽ سرگرميون ۽ تنظيمي ڪاوشن کي سٺي نموني بيان ڪيو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب گهٽ ۾گهٽ سنڌ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ڪم کي مضبوط ۽ فعال بنائڻ ۾ تمام سٺي نظرياتي ۽ فڪري خوراڪ مهيا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هن ڪتاب ذريعي جيڪي علمي، ادبي ۽ فڪري ڄاڻ ۽ بحثن ۽ قلم نگاري جا جيڪي دروازا ۽ باب کولياويا آهن انهن جي خوشبوء ۽ تازگي هروقت ۽ هر روز محسوس ڪئي ويندي.
رياض شاهد دايو صاحب،ننڍي کنڊ جي عظيم انجمن بابت ڪتاب تيار ڪري يقينن، ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي ترقي پسندن علم دوست، ساڃهه وند ۽ تحقيقڪار ڌرين کي هڪ بهترين ڪتاب جو تحفو ڏنو آهي ۽ انجمن جو مقام اوچو ڪيو آهي. انهيءَ ريت انجمن ترقي پسند مصنفين جي تحريڪ جي ڏيئن ۾ وري ٻارڻ وجهڻ وارو ڪم ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪڏهن به ضائع ٿيڻو ناهي پر اها تحريڪ وڌيڪ چست ۽ فعال ٿيندي. هي ڪتاب ترقي پسند اديبن ۽ سمورن ادب دوستن لاءِ هڪ بهترين نسخو ۽ شاندار سوکڙي آهي، ان ڪتاب جي اندر قدرتي طور تي انقلابي خيالن جي چڻنگ ۽ ٻارڻ پڻ موجود آهي ۽ دنيا جي اديبن وانگر اسان کي پڻ يقينن اهڙن ڪتابن مان پاڻ کي روشن ڪرڻ ۽ مشعل بڻجڻ جا موقعا ملن ٿا.